Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:15 - Sindhi Bible

15 ڇوتہ هو خداوند جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ۽ نڪو شراب ۽ نڪا نشي جي شيءِ پيئندو؛ ۽ ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پرميشور جي شرڻ ۾ هو مهان هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماتا جي پيٽان ئي پوِتر آتما سان ڀريل هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 خداوند جي حضور ۾ هو عظيم هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀريل هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

15 छोके तुंजो पुट परमेश्वरअ जी नज़रअ में महान थींदो। उहो दाखरस ऐं शराब कड॒ऐं न पीअंदो; ऐं हू माता जे कोखअ मां हीं पवित्र आत्मा सां भरयल हुंदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ھو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو ۽ ھو ڄمندي ئي پاڪ روح سان ڀريل ھوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:15
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


پر پڻس نہ مڃيو ۽ چيائين تہ آءٌ ڄاڻان ٿو، منهنجا پٽ آءٌ ڄاڻان ٿو: هي بہ وڌي راڄ ٿيندو، ۽ هي بہ بزرگ ٿيندو، پر سندس ننڍو ڀاءُ کانئس وڌيڪ ٿيندو، ۽ هن جي نسل مان گهڻيئي قومون نڪرنديون.


۽ جيڏانهن تون ويندو هئين، اوڏانهن آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.


دولت ۽ عزت تو وٽان آهي، ۽ تون سڀني تي حڪومت ڪرين ٿو؛ ۽ تنهنجي هٿ ۾ قدرت ۽ طاقت آهي؛ ۽ سرفراز ڪرڻ ۽ سڀ ڪنهن کي زور بخشڻ تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي.


پر تون ئي اُهو آهين، جنهن مون کي پيٽ مان ڪڍيو: جڏهن اڃا آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي ٿڻن تي هوس تڏهن تو مونکي ڀروسو رکڻ سيکاريو.


پيٽ ۾ مون توکي جوڙيو تنهن کان اڳي مون توکي ڄاتو، ۽ پيٽ مان تون نڪتين تنهن کان اڳي مون توکي مخصوص ڪيو؛ مون توکي قومن جي لاءِ نبي مقرر ڪيو آهي.


پر هنن چيو تہ اسين شراب ڪين پيئنداسين؛ ڇالاءِ جو يوناداب بن ريڪاب، اسان جي پيءُ اسان کي حڪم ڏئي چيو تہ اوهين يا اوهان جا پٽ، ڪڏهن بہ شراب متان پيو:


جڏهن اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيو، تڏهن شراب يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ متان پيو، نڪي تون، نڪي تنهنجا پٽ، متان اوهين مري پئو: اهو اوهانجين پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو:


لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا.


۽ توکي خوشي ۽ سرهائي ٿيندي؛ ۽ هن جي ڄمڻ ڪري گهڻا خوش ٿيندا؛


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪي بہ زال ذات مان ڄاول آهن، تن منجهان يوحنا کان ڪوبہ وڏو ڪونهي. انهي هوندي بہ خدا جي بادشاهي ۾ جيڪو ننڍو آهي، سو اُنهي کان وڏو آهي.


ڇالاءِ تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ شراب پيئندو آيو، ۽ اوهين چئو ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي.


هو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئو هو: ۽ اوهان گهڙي ساعت هن جي سوجهري ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.


۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.


پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي


۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي سامهون تنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ شروع ڪندس، تہ هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس.


انهيءَ ڏينهن خداوند اسرائيل جي نظر ۾ يشوع جي وڏائي ظاهر ڪئي؛ ۽ سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو کانئس اهڙو ڊڄندا هئا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ