Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:13 - Sindhi Bible

13 پر ملائڪ چيس تہ اي زڪرياہ، ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تنهنجو سوال اگهاڻو آهي، ۽ تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 تنهن تي پرميشور جي دوت چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي پرارٿنا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي پتني اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تنهن تي خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي دعا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يحيٰ رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

13 परअ स्वर्ग॒दूतअ उन खे चयो, “हे जकरयाह ड॒क न, तूं जेकी प्रार्थना करीं पयो उहा परमेश्वरअ बु॒धी वरती आहे; तुंजी ज़ालअ एलशिबा खे तोमां हिक पुट ज॒मंदो ऐं तूं उन जो नालो यूहन्ना रखजैं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پر خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي ذڪريا! خوف نہ ڪر، تنھنجي دعا قبول پئي آھي. تنھنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنھن جو نالو يحيٰ رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:13
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ منهنجو عهد، جيڪو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾ آهي؛ جو اوهين مڃيندا رهندا، سو هي آهي؛ تہ اوهان مان سڀ ڪنهن مرد جو ختنو ڪيو وڃي.


پر خدا ابرهام کي چيو تہ نہ، تنهنجي زال سارہ تو لاءِ پٽ ڄڻيندي، تون انهي جو نالو اسحاق رکج: آءٌ انهيءَ سان ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جو ابدي عهد آهي، سو قائم ڪندس.


خداوند جي لاءِ ڪابہ ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ وري هيءَ ساڳي مند ايندي، تڏهن ٺهرايل وقت تي آءٌ تو وٽ موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.


۽ اسحاق پنهنجيءَ زال جي لاءِ خداوند کان دعا گهري؛ ڇالاءِ جو هوءَ سنڍ هئي: ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هن جي زال ربقہ حاملہ ٿي،


هو سنڍ جو گهر آباد ٿو ڪري، ۽ کيس ٻارن جي سرهي ماءُ ٿو ڪري، خداوند جي تعريف ڪريو.


آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس، ڇو جو تو منهنجي اونائي، ۽ پاڻ منهنجي نجات ٿيو آهين.


پوءِ آءٌ نبياڻيءَ وٽ ويس؛ ۽ اها پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄڻيائين. تڏهن خداوند مون کي چيو تہ انهيءَ جو نالو مهير شالال حاش باز رک.


تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان.


۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو يزرعيل رک؛ ڇالاءِ جو ٿوري وقت کانپوءِ آءٌ يزرعيل جي خون جو وير ياهوءَ جي گهراڻي کان وٺندس، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي بادشاهي پوري ڪندس.


۽ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ ڌيءَ ڄڻيائين. ۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو لوروحامہ رک؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جي گهراڻي تي وري اڳتي اهڙو رحم نہ ڪندس جو ڪنهن بہ طرح انهن کي معافي ڏيان.


۽ هن کي پٽ ڄمندو ۽ انهي جو نالو يسوع رکج. ڇالاءِ جو هو اُهو ئي آهي جو پنهنجي اُمت کي سندن گناهن کان نجات ڏيندو.


پر يسوع انهي دم کين چيو، تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان؛ ڊڄو نہ.


۽ انهي ملائڪ ورندي ڏيئي زالن کي چيو، تہ اوهين ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهين يسوع کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون.


۽ انهي کين چيو تہ حيران نہ ٿيو، اوهين يسوع ناصريءَ کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون: هو جي اُٿيو آهي؛ هو هتي ڪونهي: اِجها اها جاءِ جتي رکيو هئائونس!


۽ توکي خوشي ۽ سرهائي ٿيندي؛ ۽ هن جي ڄمڻ ڪري گهڻا خوش ٿيندا؛


تڏهن ملائڪ چيس، تہ اي مريم! ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو خدا تو تي مهر ڪئي آهي.


۽ انهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هن جي ختني ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن سندس نالو يسوع رکيائون، جو نالو هن جي پيٽ ۾ پوڻ کان اڳي ملائڪ رکيو هو.


۽ چوڻ لڳو، تہ اي ڪرنيليس، تنهنجي دعا قبول پيئي آهي، ۽ تنهنجي خيرات خدا جي حضور ۾ ياد آهي.


۽ خداوند هن کي چيو تہ تون سلامت رهہ: ڊڄ نہ؛ تون ڪين مرندين.


۽ خداوند حنہ تي نگاهہ ڪئي، ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ ٽي پٽ ۽ ٻہ ڌيون ڄڻيائين، ۽ اُهو ڇوڪر سموئيل خداوند جي حضور ۾ وڏو ٿيندو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ