Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 9:23 - Sindhi Bible

23 پوءِ موسيٰ ۽ هارون جماعت واري تنبوءَ ۾ ويا، ۽ اتان ٻاهر اچي ماڻهن کي برڪت ڏنائون: ۽ خداوند جو جلال سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پوءِ موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي اندر ويا ۽ جڏهن ٻاهر نڪري آيا تہ ماڻهن کي دعا ڪيائون. تڏهن خداوند جو جلوو سڀني ماڻهن کي ڏسڻ ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 9:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جڏهن سليمان دعا گهري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ هيٺ لهي آئي ۽ سوختني قرباني ۽ ٻيون قربانيون ساڙي ڇڏيائين؛ ۽ خداوند جي جلال گهر کي ڀري ڇڏيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هارون، بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي ائين چيو، تڏهن هنن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو خداوند جو جلال ڪڪر ۾ ظاهر ٿيو.


۽ موسيٰ انهي سڀ ڪم تي نگاهہ ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هنن اهو برابر ڪيو آهي؛ جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي هنن ڪيو هو: تڏهن موسيٰ انهن کي برڪت ڏني.


۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گهٽو، خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهڻ لاءِ آڻي پيش ڪريو؛ ۽ تيل ۾ ڳوهيل کاڌي جي قرباني بہ آڻيو: ڇالاءِ جو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو.


۽ موسيٰ چيو، تہ جنهن ڪم ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سو هي آهي: ۽ خداوند جو جلال اوهان تي ظاهر ٿيندو.


پر ساري جماعت چوڻ لڳي تہ هنن کي سنگسار ڪريو. تڏهن خداوند جو جلال سڀني بني اسرائيلين جي روبرو جماعت واري تنبوءَ ۾ ظاهر ٿيو.


سو قورح، پنهنجي سڄي ٽولي، هنن جي برخلاف جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي گڏ ڪئي؛ تڏهن خداوند جو جلال سڄي جماعت جي روبرو ظاهر ٿيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف گڏ ٿي، تڏهن انهن جماعت واري تنبوءَ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ ڏسو، ڪڪر انهي کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ