Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 9:22 - Sindhi Bible

22 ۽ هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي، کين برڪت ڏني: ۽ هو گناهہ جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي هيٺ لٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، ساڙڻ واري قرباني ۽ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ بعد هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي کين دعا ڪئي ۽ قربان‌گاهہ تان هيٺ لهي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 9:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُٿي بيهي وڏي آواز سان اسرائيل جي ساري جماعت کي دعا ڪرڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو تہ


بني عمرام؛ هارون ۽ موسيٰ: ۽ هارون ڌار ڪيو ويو هو تہ تمام پاڪ شين کي مخصوص ڪري، ۽ پاڻ ۽ سندس پٽ هميشہ لاءِ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، ۽ خدمت ڪن، ۽ سندس نالي تي هميشہ لاءِ دعا ڪن.


پوءِ بادشاهہ پنهنجو منهن ڦيرائي اسرائيل جي سڄي جماعت کي دعا ڏني ۽ اسرائيل جي سڄي جماعت اُٿي بيٺي.


هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.


۽ موسيٰ انهي سڀ ڪم تي نگاهہ ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هنن اهو برابر ڪيو آهي؛ جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي هنن ڪيو هو: تڏهن موسيٰ انهن کي برڪت ڏني.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ


پوءِ هنن کي هنج ۾ کڻي مٿن هٿ رکي کين دعا ڪيائين.


۽ هو کين ٻاهر بيت عنياہ جي سامهون وٺي آيو ۽ هٿ کڻي کين برڪت ڏنائين.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ خدا جي محبت ۽ پاڪ روح جي شراڪت اوهان سڀني سان هجي.


انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.


۽ بني لاوي جي ڪاهن آهن، سي ويجهو اچن؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا انهن کي چونڊيو آهي، تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي برڪت ڏين؛ ۽ انهن جي چوڻ موجب هر ڪنهن جهيڙي ۽ تڪرار جو فيصلو ٿئي:


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ