11 ۽ گوشت ۽ کل منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين.
11 باقي گوشت ۽ کل هن خيميگاهہ کان ٻاهر ساڙي ڇڏيا.
۽ اهو انهي وهڙي کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي، ۽ جهڙي طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو هئائين، تهڙيءَ طرح هن کي بہ ساڙي ڇڏي: اها جماعت جي لاءِ گناهہ جي قرباني آهي.
پر وهڙو ۽ انهي جي کل ۽ انهي جو گوشت، ۽ انهي جو ڇيڻو، اهي سڀ هن منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏيا؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
۽ انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ مان چرٻي، ۽ بڪيون، ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
پوءِ هن سوختني قرباني ذبح ڪئي؛ ۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي کيس ڏنو، ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو.