Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 8:6 - Sindhi Bible

6 پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي وٺي آيو، ۽ پاڻيءَ سان وهنجاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي اڳتي اڱڻ ۾ آندو ۽ کين وهنجاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 8:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بيگناهيءَ ۾ پنهنجا هٿ ڌوئيندس؛ اي خداوند، آءٌ تنهنجيءَ قربانگاهہ کي گهيري رهندس.


منهنجيءَ بڇڙائيءَ کان مون کي چڱيءَ طرح ڌوءِ، ۽ منهنجي گناهہ کان مونکي صاف ڪر.


زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.


۽ هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در تي وٺي اچج، ۽ کين پاڻيءَ سان وهنجارج.


۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي ۾ پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن.


جڏهن هو جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، تڏهن پاڻيءَ سان پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن، تہ مري نہ پون: ۽ جڏهن هو قربانگاهہ تي خداوند جي خدمت ڪرڻ ۽ سوختني قرباني چاڙهڻ وڃن، تڏهن بہ ائين ڪن.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، کين پاڻيءَ سان غسل ڏج:


اوهين وهنجو، پاڻ کي پاڪ ڪريو؛ پنهنجا بڇڙا ڪم منهنجي اکين جي اڳيان ٽاريو؛ بڇڙائي ڪرڻ کان بس ڪريو:


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


هو سڻيءَ جو پهراڻ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي، ۽ سڻيءَ جو ڪمربند ٻڌي، ۽ مٿي تي سڻيءَ جي پڳڙي رکي: اهي پاڪ ڪپڙا آهن؛ تنهنڪري هو وهنجي پوءِ اهي ڍڪي.


۽ موسيٰ جماعت کي چيو، تہ خداوند هن ڪم جي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.


انهي لاءِ تہ هو ڪلام سان پاڻيءَ جي غسل ڪري انهي کي ڌوئي صاف ڪري پاڪ بنائي،


تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.


ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ