Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 8:31 - Sindhi Bible

31 ۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ هي گوشت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ رڌيو: ۽ اهو مخصوصيت واريءَ ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ، انهي ساڳئي هنڌ ويهي کائو: جيئن ڪ مون کي حڪم مليو هو، تہ هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 تڏهن موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجا پٽ هي گوشت خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ رڌيو. پوءِ اهو مخصوصيت واري قربانيءَ جي ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ اتي ئي ويهي کائو، جيئن مون خداوند جو حڪم ٻڌايو آهي تہ ’هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 8:31
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان گناهہ جي قرباني پاڪ جاءِ ۾ ويهي ڇو نہ کاڌي، جنهن صورت ۾ اها تمام پاڪ آهي، ۽ خداوند اوهان کي انهي لاءِ ڏني آهي، تہ اوهين جماعت جو گناهہ کڻي، خداوند جي حضور ۾ انهي جي لاءِ ڪفارو ڪريو؟


پر جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، سو ٿانو ڀڃي ڇڏجي: پر جيڪڏهن ڪنهن پتل جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، تہ انهي ٿانو کي ملي ۽ پاڻيءَ سان ڌوئي صفا ڪجي.


۽ شڪرگذاريءَ جي لاءِ ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت انهي ڏينهن کائڻ ۾ اچي، جنهن ڏينهن اها قرباني پيش ڪئي وڃي؛ ۽ هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ ڇڏي.


ڇالاءِ تہ خدا جي ماني اُها آهي جا آسمان مان لهي اچي جهان کي زندگي ٿي ڏئي.


يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.


آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ