Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 8:30 - Sindhi Bible

30 پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان، ۽ قربانگاهہ تي پيل رت مان ڪجهہ کڻي هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽاريو؛ ۽ هارون کي، ۽ سندس ڪپڙن کي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي، ۽ انهن جي ڪپڙن کي پاڪ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ان بعد موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان ۽ قربان‌گاهہ تي پيل رت مان ڪجھہ کڻي هارون ۽ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪن تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن هارون ۽ سندس پٽن ۽ انهن جي خاص پوشاڪن کي مخصوص ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 8:30
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون پنهنجي ڀاءُ هارون جي واسطي، عزت ۽ زينت جي لاءِ هڪڙي پاڪ پوشاڪ ٺاهہ.


قربانگاهہ تي پيل رت مان، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ کڻي، هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽارج. پوءِ هو پاڻ، ۽ سندس ڪپڙا، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽ، ۽ انهن جا ڪپڙا پاڪ ٿيندا.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري پاڪ ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


اهو آهي هارون ۽ سندس پٽن جي مسح ٿيڻ جو حصو، جو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان، انهي ڏينهن مقرر ڪيو ويو، جنهن ڏينهن هو ڪهانت جي عهدي تي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ڪيا ويا:


يعني جنهن ڏينهن خداوند انهن کي مسح ڪرايو، تنهن ڏينهن انهي بابت حڪم ڏنائين، تہ بني اسرائيل کان اهو حصو کين ملندو رهي. اهو هنن جي سڀني پيڙهين ۾ سندن هميشہ جو حق آهي.


۽ هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ هارون جي مٿي تي اوتيو، ۽ انهي کي مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿئي.


هارون جا پٽ، جي ڪاهن هئا، ۽ جن کي هن مسح ڪري، ڪهانت جي عهدي تي رکي خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو هو، سي اهي آهن.


هن ڪري جو جيڪو پاڪ ڪري ٿو ۽ جيڪي پاڪ ٿين ٿا، سي سڀ هڪ مان ئي آهن؛ انهيءَ سبب ڪري هو انهن کي ڀاءُ ڪري سڏڻ کان نٿو شرمائي.


۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.


باقي هن اوهان کي جيڪو مسح ڪيو آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهان کي انهي جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري، پر جيئن انهي جو مسح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو، ۽ اُهو سچو آهي ۽ ڪوڙو ڪينهي، ۽ جيئن انهي اوهان کي سيکاريو، تيئن اوهين منجهس قائم رهندا اچو.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ