Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 8:3 - Sindhi Bible

3 سڄيءَ جماعت کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ گڏ ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سڄيءَ قوم کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو آڻي گڏ ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 8:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود سڀ اسرائيلي، مصر جي نهر سيحور کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري هنڌ تائين گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ قريت يعريم مان خدا جي صندوق کڻي اچن.


۽ دائود سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي صندوق کڻي، جيڪا جاءِ انهيءَ جي لاءِ تيار ڪئي هئائين، اتي رکي.


۽ يروشلم ۾ گهڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ٻئي مهيني ۾ اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد ڪن، ۽ هڪڙي تمام وڏي جماعت گڏ ٿي ويئي.


ڇالاءِ جو بادشاهہ ۽ سندس اميرن ۽ ساري جماعت يروشلم ۾ صلاح مشورت ڪئي هئي تہ ٻئي مهيني ۾ فسح جي عيد ڪن.


۽ يهوداہ جي ساري جماعت، ڪاهنن ۽ لاوين سميت، ۽ جيڪا ساري جماعت اسرائيل مان نڪري آئي، ۽ پرديسي مسافر جي اسرائيل جي زمين مان نڪري آيا ۽ جي يهوداہ ۾ رهندا هئا، تن خوشيون ڪيون.


تنهن کانپوءِ سليمان اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار، يروشلم ۾ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان کڻي يروشلم ۾ آڻين.


۽ بادشاهہ سليمان، ۽ اسرائيل جي جماعت، جا هن وٽ گڏ ٿي هئي، سي سڀ صندوق جي اڳيان حاضر ٿيا، ۽ ايتريون رڍون ۽ ايترا ڏاند قرباني ڪيائون جي شمار کان ٻاهر هئا.


۽ سڄي قوم يڪ مُشت ٿي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان جيڪو ڪشادو ميدان آهي، تنهن ۾ گڏ ٿي؛ ۽ اُنهن عزرا استاد کي چيو تہ موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب، جنهن جو خداوند اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، سو کڻي اچ.


وڏيءَ جماعت ۾ آءٌ تنهنجي ئي تعريف ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي هن کان ڊڄن ٿا تن جي اڳيان آءٌ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ ٺهرائي، سو انهي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري:


تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، ڪپڙا، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ۽ ٻہ گهٽا، ۽ بي خميري مانين جي ٽوڪري کڻي؛


سو موسيٰ ائين ئي ڪيو، جيئن ڪ خداوند حڪم ڏنو هوس؛ ۽ ساري جماعت اچي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ گڏ ٿي.


لٺ کڻ، ۽ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون جماعت کي گڏ ڪري، هنن جي روبرو ٽڪر کي چئو تہ اهو پنهنجو پاڻي ڏي؛ تون انهي ٽڪر مان هنن جي لاءِ پاڻي ڪڍندين: انهيءَ طرح تون جماعت ۽ سندن چوپائي مال کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيندين.


وري انهن اتان ڪوچ ڪيو ۽ بير وٽ آيا: هي اهو کوهہ آهي، جتي خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن کي گڏ ڪر تہ آءٌ کين پاڻي ڏيان.


۽ تون لاوين کي جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان آڻي حاضر ڪن، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت آڻي گڏ ڪر.


هاڻي جڏهن پنتيڪوست (يا پنجاهون) ڏينهن آيو، تڏهن سڀ هڪڙي هنڌ اچي گڏ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ