Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 8:14 - Sindhi Bible

14 پوءِ هن گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو آندو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن پنهنجا هٿ انهي گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي جي مٿي تي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ان کان پوءِ هن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو وهڙو آندو. هارون ۽ سندس پٽن پنهنجا هٿ انهيءَ جي مٿي تي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 8:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي حضور ۾ متارن جانورن جون سوختني قربانيون، گهٽن جي خوشبوءِ سان گڏي چاڙهيندس؛ آءٌ ڍڳا ۽ ٻڪر پيش ڪندس.


انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ لاوي ڪاهن جي صدوق جي نسل جا آهن، ۽ مون کي ويجها آهن تہ منهنجي خدمت چاڪري ڪن، تن کي تون هڪڙو وهڙو گناهہ جي قرباني لاءِ ڏجانءِ.


۽ ان جي رت مان ڪجهہ کڻي ان جي چئن سڱن تي، ۽ طاق جي چئن ڪُنڊن تي ۽ ان جي چوڌاري ڪناري تي ڇاٽارج: انهي طرح تون انهي کي صاف ڪج ۽ انهي لاءِ ڪفارو ڏج.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن وري هو پاڪ مڪان ۾، جو اندرين ايوان ۾ آهي، خدمت ڪرڻ لاءِ وڃي تڏهن پنهنجي گناهہ جي قرباني پيش ڪري:


هو پنهنجو هٿ انهيءَ سوختني قربانيءَ جي مٿي تي رکي؛ تہ اها سندس لاءِ قبول پوي ۽ سندس ڪفارو ٿئي.


۽ هارون انهي جيئري ٻڪر جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکي، ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، ۽ سڀني قصورن، يعني انهن جي سڀني گناهن جو انهي تي قبولدار ٿئي؛ ۽ هو اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي، پوءِ جيڪو ماڻهو انهي ڪم لاءِ مقرر ڪيل هجي، تنهن جي هٿان انهي ٻڪر کي بيابان ڏانهن موڪلي ڇڏي:


۽ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري.


۽ جماعت جا بزرگ خداوند جي حضور ۾ انهي وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن: ۽ پوءِ اهو وهڙو خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، ڪپڙا، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ۽ ٻہ گهٽا، ۽ بي خميري مانين جي ٽوڪري کڻي؛


پوءِ لاوي پنهنجا هٿ وهڙن جي مٿن تي رکن، ۽ تون انهن وهڙن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ پيش ڪر، تہ لاوين جي واسطي ڪفارو ڏنو وڃي.


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ