Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 8:11 - Sindhi Bible

11 ۽ انهي مان ڪجهہ ست ڀيرا قربانگاهہ تي ڇاٽاريائين، ۽ قربانگاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي، ۽ حوض ۽ انهي جي صندليءَ کي، مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ تيل مان ڪجھہ کڻي هن ست دفعا اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي مسح ڪيو، تہ جيئن مخصوص ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 8:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ماڪ گم ٿي ويئي، تڏهن ڇا ڏسن تہ بيابان ۾ هڪڙي گول شيءِ، برف جي ٽڪر جهڙي اڇي، زمين تي پيئي آهي.


۽ موسيٰ انهن کي چيو تہ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان صبح تائين ڪي بہ بچائي نہ رکي.


۽ تون هر روز گناهہ جي قرباني لاءِ هڪڙو وهڙو، ڪفاري طور قربان ڪج: ۽ جڏهن تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪرين، تڏهن تون انهيءَ کي صاف ڪج ۽ مٿس تيل اوتي، انهيءَ کي پاڪ ڪج.


ستن ڏينهن تائين تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪج، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪج، تہ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪا شيءِ قربانگاهہ کي لڳندي سا پاڪ ٿيندي.


۽ تون انهن کي پاڪ ڪج، تہ اهي تمام پاڪ ٿين؛ ۽ جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.


تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.


وري خداوند هيئن بہ چيس تہ هاڻي پنهنجو هٿ پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي رک. هن پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين، تڏهن ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ سان ڀرجي برف جهڙو اڇو ٿي پيو آهي.


تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


۽ ڪاهن پنهنجي تريءَ واري تيل مان پنهنجي ساڄي آڱر ٻوڙي، ۽ خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا پنهنجيءَ آڱر سان ڪجهہ تيل ڇاٽاري:


۽ ڪاهن پنهنجي آڱر انهي رت ۾ ٻوڙي، ۽ اهو پاڪ مڪان واري پردي جي اڳيان، خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا ڇاٽاري.


۽ ڪاهن پنهنجي آڱر انهي رت ۾ ٻوڙي ۽ اهو رت پاڪ مڪان واري پردي جي اڳيان، خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا ڇاٽاري.


جو هن اسان جي نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي معرفت اسان تي افراط سان نازل ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ