1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
پر هارون ۽ سندس پٽ، سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي، توڙي لوبان واري قربانگاهہ تي، تمام پاڪ جاءِ جي لاءِ سڀ خدمت بجا آڻيندا هئا، ۽ جيڪي حڪم خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏنا هئا، تن موجب اسرائيل جي پاران ڪفارو ڏيندا هئا.
هن جي ڪاهنن مان موسيٰ ۽ هارون، ۽ سندس نالو وٺي دعا گهرڻ وارن مان سموئيل، انهن سڀني خداوند کي پڪاريو ۽ هن کين جواب ڏنو.
۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.
۽ تون اهي پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي پهرائج، ۽ انهن کي مسح ڪري، مخصوص ۽ پاڪ ڪج، تہ اهي منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪن.
۽ منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هنن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ تون هيئن ڪج: تون هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ بي عيب گهٽا وٺج،
۽ هارون جا پاڪ ڪپڙا کانئس پوءِ، سندس پٽن جا ٿيندا، جن ۾ کين مسح ۽ مخصوص ڪيو وڃي.
۽ تون انهن کي، يعني هارون ۽ سندس پٽن کي، چيلهہ تي ڪمربند ٻڌج، ۽ ٽوپيون پهرائج؛ تہ کين هميشہ جي قانون موجب ڪهانت جو حق حاصل ٿئي: ائين تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪج.
انهيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سڀ ڪجهہ ڪيو.
۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، کين پاڻيءَ سان غسل ڏج:
جنهن بابت خداوند موسيٰ کي سينا جبل تي انهي ڏينهن فرمايو، ۽ هن بني اسرائيل کي حڪم ڏنو، تہ سينا جي بيابان ۾ خداوند جي لاءِ پنهنجون قربانيون پيش ڪن.
تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، ڪپڙا، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ۽ ٻہ گهٽا، ۽ بي خميري مانين جي ٽوڪري کڻي؛
هارون جا پٽ، جي ڪاهن هئا، ۽ جن کي هن مسح ڪري، ڪهانت جي عهدي تي رکي خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو هو، سي اهي آهن.