Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:7 - Sindhi Bible

7 جهڙي گناهہ جي قرباني آهي، تهڙي خطا جي قرباني آهي، انهي جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي: جيڪو ڪاهن انهيءَ سان ڪفارو ڪري، تنهن کي ئي اها ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پاڪ ٿيڻ واسطي ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين جو قاعدو هڪڙو ئي آهي، جو هي آهي تہ جيڪو ڪاهن انهيءَ قربانيءَ سان ڪفارو ادا ڪري ٿو تنهن کي ئي انهيءَ جو گوشت ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي پئسا خطا جي قربانين جا، ۽ گناهہ جي قربانين جا هوندا هئا، سي خداوند جي گهر ۾ نہ آڻيندا هئا: اُهي ڪاهنن کي ملندا هئا.


تنهن کانپوءِ ارام جي بادشاهہ حزائيل چڙهي وڃي جات سان جنگ ڪئي ۽ انهيءَ کي ورتائين: ۽ حزائيل يروشلم ڏانهن وڃڻ لاءِ انهيءَ پاسي رخ ڪيو.


۽ پاڪ مڪان ۾ جنهن هنڌ گناهہ جي قرباني ۽ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ هو انهي گهيٽي کي ذبح ڪري: ڇالاءِ تہ جهڙي طرح گناهہ جي قرباني ڪاهن جي آهي، تهڙي طرح خطا جي قرباني بہ ڪاهن جي آهي: اها تمام پاڪ آهي:


۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون باهہ سان ساڙيون وڃن، تن ۾ هيءَ تمام پاڪ آهي.


۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيون وڃن، تن مان هيءَ تمام پاڪ آهي.


انهي ۾ خمير گڏي نہ پچائين. مون اهو هنن کي پنهنجين باهہ سان ساڙيل قربانين مان سندن حصو ڏنو آهي؛ اهو گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ وانگر تمام پاڪ آهي.


جيڪو ڪاهن ڪنهن ماڻهو جي سوختني قرباني چاڙهي، سو ئي پنهنجي چاڙهيل سوختني قربانيءَ جي کل پاڻ کڻي.


پر جيڪڏهن انهي ماڻهوءَ جو ڪو اهڙو عزيز خويش نہ هجي، جنهن کي اهو عيوضو ڏنو وڃي، تہ پوءِ اهڙي ڏوهہ جو عيوضو، جيڪو خداوند جي لاءِ ڏيڻ ۾ اچي سو ڪاهن جو آهي؛ انهي کان سواءِ ڪفاري جو گهٽو، جنهن سان ڪفارو ڪيو وڃي، سو بہ ڪاهن جو آهي.


جيڪي جسماني طور اسرائيلي آهن تن ڏانهن نهاريو، قربانين کائڻ وارا قربانگاهہ جا ڀائيوار نہ آهن ڇا؟


اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ خدمت ٿا ڪن سي هيڪل جي شين مان ٿا کائين؛ ۽ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ٿا ڪن، تن کي قربانگاهہ مان حصو ٿو ملي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ