Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:5 - Sindhi Bible

5 ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ڪيل قربانيءَ طور ساڙي: اها خطا جي قرباني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي. اهڙيءَ طرح قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني پيش ڪئي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا چڱي خوشبوءِ لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي: سڀ چرٻي خداوند جي آهي.


۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سموري چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي:


۽ ڪاهنن مان سڀ ڪو مرد ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اها ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي کائجي: اها تمام پاڪ آهي.


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ