Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:37 - Sindhi Bible

37 اهو آهي سوختني قربانيءَ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ، مخصوصيت، ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جو قاعدو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 سو ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، مخصوصيت جي قرباني ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جا قاعدا اهي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:37
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هنن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ تون هيئن ڪج: تون هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ بي عيب گهٽا وٺج،


۽ تون گهٽي جي چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هجي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن تي جيڪا چرٻي هجي، ۽ ساڄي ران کڻج؛ (ڇالاءِ جو اهو مخصوصيت جو گهٽو آهي)،


۽ خداوند موسيٰ کي سڏي، جماعت واري تنبوءَ مان ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


جنهن ڏينهن هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪيو وڃي، تنهن ڏينهن اهي جيڪا قرباني خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن سا هيءَ آهي: يعني ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هميشہ کاڌي جي قربانيءَ طور آڻين، انهي جو اڌ صبح جي وقت، ۽ اڌ شام جي وقت آڻين.


۽ هن ٻيو گهيٽو بہ پيش ڪيو، يعني مخصوصيت جو گهٽو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن، انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.


پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙي تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ