Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:31 - Sindhi Bible

31 ۽ ڪاهن اها چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: پر سينو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 ڪاهن اها چرٻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. پر سينو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:31
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون هارون جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو ڪڍي، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ لوڏج، ۽ اهو حصو تنهنجو ٿيندو.


۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا چڱي خوشبوءِ لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي: سڀ چرٻي خداوند جي آهي.


۽ هارون جا پٽ انهي کي قربانگاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙين: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هن کي معافي ملندي: ۽ باقي جيڪي بچي سو کاڌي جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.


۽ جيڪي انهي مان باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽ کائين: اهو ڪنهن پاڪ جاءِ تي خمير کان سواءِ کائڻ ۾ اچي؛ هو اهو جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائين.


جيڪو ڪاهن انهيءَ کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪري، سو اها کائي: هو اها ڪنهن پاڪ هنڌ، جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائي.


ڇالاءِ جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان، لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران، هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن، ۽ اهو هنن جو حق بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ رهندو.


پوءِ موسيٰ سينو کڻي لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ لوڏيو: اهو مخصوصيت واري گهٽي مان موسيٰ جو حصو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ هنن جي نذر مان، کڻڻ واري قرباني تنهنجي ٿيندي، يعني بني اسرائيل جون سڀ کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي، ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو.


انهن جو گوشت تنهنجو ٿيندو، جهڙيءَ طرح لوڏيل سينو ۽ ساڄي ران تنهنجا آهن.


اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ خدمت ٿا ڪن سي هيڪل جي شين مان ٿا کائين؛ ۽ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ٿا ڪن، تن کي قربانگاهہ مان حصو ٿو ملي؟


جيڪي ماڻهو ڍڳي يا گهيٽي جي قرباني چاڙهيندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو، يعني اهي ڪاهن کي انهي جو ڪنڌو، ۽ ٻئي ڳل، ۽ اوجهري ڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ