Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:25 - Sindhi Bible

25 ڇالاءِ تہ جنهن جانور کي ماڻهو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ طور پيش ڪن، تنهن جي چرٻي جيڪو ماڻهو کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 جيڪو بہ ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي چرٻي کائيندو، جو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور پيش ڪيو ويو هجي، تنهن کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:25
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نامختون مرد جنهن جي جسم جي کل جو ختنو ٿيل نہ هجي سو اُمت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجو عهد ڀڳو آهي.


پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙج: اها هڪڙي چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.


جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪي ماڻهو جي هجي توڙي جانور جي هجي، يا ڪا ٻي ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، ۽ انهيءَ حالت ۾ خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


۽ جيڪو جانور پاڻيهي مري، تنهن جي چرٻي، ۽ جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جي چرٻي، ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو: پر کائجو اصل نہ.


اوهين پنهنجن گهرن ۾ ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو، پوءِ اهو پکي جو هجي، توڙي جانور جو هجي.


جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، سو ڪير بہ هوندو، تہ بہ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ