Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:24 - Sindhi Bible

24 ۽ جيڪو جانور پاڻيهي مري، تنهن جي چرٻي، ۽ جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جي چرٻي، ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو: پر کائجو اصل نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي تہ انهيءَ جي چرٻي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو پر کائجو اصل نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:24
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجن ڏاندن ۽ پنهنجين رڍن سان بہ ائين ئي ڪج: ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي؛ ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏج.


اوهين منهنجا پاڪ ماڻهو آهيو: تنهنڪري اوهين جهنگ جي جانورن جو ڦاڙيل گوشت متان کائو: پر اهو ڪتن کي اُڇلائي ڏجو.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس منهنجو روح ناپاڪ نہ ٿيو آهي: ڇالاءِ جو ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين جيڪي پاڻهي ئي ٿو مري، يا جيڪي مرن ڦاڙي ڇڏيو آهي، تنهن مان ڪڏهن بہ نہ کاڌو اٿم؛ ۽ نڪو حرام گوشت منهنجي وات ۾ پيو آهي.


جيڪا شيءِ پاڻ ئي مري، يا ڦاڙيل هجي، خواهہ جانور، خواهہ پکي، تنهن مان ڪاهن ڪجهہ بہ نہ کائين.


۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


جيڪو جانور پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، سو کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري: آءٌ خداوند آهيان.


ڇالاءِ تہ جنهن جانور کي ماڻهو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ طور پيش ڪن، تنهن جي چرٻي جيڪو ماڻهو کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


جيڪو جانور پاڻيهي مري سو اوهين نہ کائجو: جيڪو پرديسي تنهنجو شهر ۾ هجي تنهن کي تون اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿو سگهين، يا اهو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي وڪڻي ٿو سگهين: ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهين. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ