Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:21 - Sindhi Bible

21 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪي ماڻهو جي هجي توڙي جانور جي هجي، يا ڪا ٻي ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، ۽ انهيءَ حالت ۾ خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪ شيءِ انسان جي هجي يا جانور جي يا ٻي ڪا ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، تہ انهيءَ حالت ۾ جي هو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:21
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نامختون مرد جنهن جي جسم جي کل جو ختنو ٿيل نہ هجي سو اُمت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجو عهد ڀڳو آهي.


ست ڏينهن برابر اوهين فطيري ماني کائجو؛ بلڪ پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گهرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين خميري ماني کائيندو، سو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو.


ست ڏينهن اوهان جن گهرن ۾ خمير جو نالو ئي نہ هجي؛ ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، سو اسرائيلين جي جماعت مان تباهہ ڪيو ويندو، پوءِ اهو مسافر هجي توڙي انهيءَ ملڪ ۾ ڄاول هجي.


تنهنڪري تون هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رت سميت کائو ٿا، ۽ پنهنجون اکيون پنهنجن بُتن ڏانهن کڻو ٿا، ۽ خونريزي ڪريو ٿا، پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس منهنجو روح ناپاڪ نہ ٿيو آهي: ڇالاءِ جو ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين جيڪي پاڻهي ئي ٿو مري، يا جيڪي مرن ڦاڙي ڇڏيو آهي، تنهن مان ڪڏهن بہ نہ کاڌو اٿم؛ ۽ نڪو حرام گوشت منهنجي وات ۾ پيو آهي.


۽ جيڪي کنڀن وارا سرندڙ جيت آهن، جي چئن پيرن تي ٿا هلن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس.


ڇالاءِ جو سڀني جسمن جي زندگي، يعني انهن جو رت ۽ انهن جي جان هڪڙي ئي شيءِ آهي: تنهنڪري مون بني اسرائيل کي چيو، تہ اوهين ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو: ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن جسم جي زندگي انهي جو رت آهي: جيڪو اهو کائيندو سو تباهہ ڪيو ويندو.


ڇالاءِ تہ جيڪو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪندو، تہ اهڙا ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا.


۽ جيڪو اهو کائيندو، سو پنهنجو ڏوهہ پاڻ تي کڻندو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ شيءِ کي پليت ڪيو آهي: ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس.


هنن کي چئُہ تہ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان ڪوبہ شخص، جو ناپاڪ هوندو، ۽ انهن پاڪ شين جي ويجهو ويندو، جن کي بني اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو هوندو، سو منهنجي حضور مان تباهہ ڪيو ويندو: آءٌ خداوند آهيان.


هارون جي نسل مان جيڪو ماڻهو ڪوڙهيو هجي، يا جنهن کي پرميل جو مرض هجي، سو جيسين پاڪ نہ ٿئي، تيسين انهن پاڪ شين مان نہ کائي، ۽ جيڪو ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڇهي، جا ڪنهن مڙهہ کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا جنهن کي احتلام هجي،


ڇالاءِ جو جيڪو بہ ماڻهو انهي ساڳئي ڏينهن پنهنجي روح جي رياضت نہ ڪندو، سو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


ڇالاءِ تہ جنهن جانور کي ماڻهو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ طور پيش ڪن، تنهن جي چرٻي جيڪو ماڻهو کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، سو ڪير بہ هوندو، تہ بہ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


۽ اهو ناپاڪ ماڻهو جنهن شيءِ کي ڇهندو سا شيءِ ناپاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، سي اوهين نہ کائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.


تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ نہ کائج.


انهي هوندي بہ سائول انهي ڏينهن ڪي ڪين ڪُڇيو: ڇالاءِ جو هن ڀانئيو تہ هن سان ڪو اتفاق ٿيو آهي، شايد هو ناپاڪ ٿي پيو آهي؛ پڪ آهي تہ هو ناپاڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ