Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:20 - Sindhi Bible

20 جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نامختون مرد جنهن جي جسم جي کل جو ختنو ٿيل نہ هجي سو اُمت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجو عهد ڀڳو آهي.


جيڪو انهي جهڙو ڪو ٻيو جوڙيندو، يا جيڪو انهي مان ڪي ڌارئي ماڻهوءَ تي اوتيندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


جيڪو انهي جهڙو ٻيو جوڙيندو ۽ سنگهندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


تنهنڪري تون هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رت سميت کائو ٿا، ۽ پنهنجون اکيون پنهنجن بُتن ڏانهن کڻو ٿا، ۽ خونريزي ڪريو ٿا، پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟


ڇالاءِ تہ جيڪو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪندو، تہ اهڙا ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا.


۽ جيڪو اهو کائيندو، سو پنهنجو ڏوهہ پاڻ تي کڻندو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ شيءِ کي پليت ڪيو آهي: ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس.


ڇالاءِ جو جيڪو بہ ماڻهو انهي ساڳئي ڏينهن پنهنجي روح جي رياضت نہ ڪندو، سو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي، سو کائڻ ۾ نہ اچي، اهو باهہ سان ساڙي ڇڏڻ گهرجي، ۽ باقي جيڪو گوشت آهي، سو هرڪو پاڪ ماڻهو ڀلي کائي:


ڇالاءِ تہ جنهن جانور کي ماڻهو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ طور پيش ڪن، تنهن جي چرٻي جيڪو ماڻهو کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، سو ڪير بہ هوندو، تہ بہ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نٿو ڪري، سو خداوند جي خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري؛ اهڙو ماڻهو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي انهي تي ڇاٽاريو نہ ويو، تنهنڪري اهو ناپاڪ رهندو؛ انهي جي ناپاڪي اڃا بہ انهي جي مٿان آهي.


تنهنڪري هرڪو ماڻهو پاڻ کي پرکي ۽ خيال سان انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي.


انهي هوندي بہ سائول انهي ڏينهن ڪي ڪين ڪُڇيو: ڇالاءِ جو هن ڀانئيو تہ هن سان ڪو اتفاق ٿيو آهي، شايد هو ناپاڪ ٿي پيو آهي؛ پڪ آهي تہ هو ناپاڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ