Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:16 - Sindhi Bible

16 پر جيڪڏهن هن جي قرباني ڪنهن مڃت، يا خاص خوشيءَ جي قرباني هجي، تہ اها بہ انهيءَ ڏينهن کائڻ ۾ اچي جنهن ڏينهن اها پيش ڪئي وڃي: پر جيڪڏهن انهيءَ مان ڪجهہ باقي بچي، تہ اهو ٻئي ڏينهن صبح جو کائجي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو جانور ڪنهن باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ طور ذبح ڪري، تہ انهيءَ جو گوشت بہ قرباني ڪرڻ واري ڏينهن کاڌو وڃي، پر جي انهيءَ مان ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ٻئي ڏينهن کائي ڇڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو، خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


آءٌ سوختني قربانيون کڻي تنهنجي گهر ايندس، ۽ تو وٽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


يعني بني اسرائيل پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو؛ سڀ ڪنهن مرد توڙي زال، جنهن جي دل کيس راضي ڪيو، تنهن انهن ڪمن جي واسطي نذرانو آندو، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


تہ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون مون سان آهن؛ اڄوڪي ڏينهن مون پنهنجون مڃتائون پوريون ڪيون آهن.


۽ جڏهن بادشاهہ خوشيءَ جي قرباني تيار ڪري، يعني سوختني قرباني يا سلامتيءَ جي قرباني جا خداوند جي لاءِ خوشيءَ جي قربانيءَ سبب آڻي، تڏهن هڪڙو ماڻهو سندس لاءِ در کوليندو جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي، ۽ هو پنهنجي سوختني قرباني ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قرباني اهڙي طرح تيار ڪندو، جهڙي طرح هو سبت جي ڏينهن تيار ڪندو آهي: تنهن کان پوءِ هو موٽي ويندو؛ ۽ سندس نڪرڻ کانپوءِ اُهو در بند ڪيو ويندو.


جنهن ڍڳي يا گهيٽي جو ڪو عضوو وڌيل يا گهٽيل هجي، سو تون خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪج؛ پر ڪنهن مڃت جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو.


۽ جڏهن اوهين خداوند جي شڪرگذاريءَ لاءِ قرباني چاڙهيو، تڏهن اهڙيءَ طرح چاڙهجو جو اوهين قبول پئو.


انهي کان سواءِ خداوند جي سبتن کي مڃيندا رهجو، ۽ پنهنجا نذرانا ۽ پنهنجيون مڃتا جون قربانيون، ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون، برابر پيش ڪندا رهجو.


ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.


۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان قرباني ڪريو، يعني سوختني قرباني، يا پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي لاءِ ڌڻن يا ڍورن مان خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو؛


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


۽ تنهنجي اَن، ۽ تنهنجي شراب، ۽ تنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا، ۽ تنهنجون مڃتائون، ۽ تنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ تنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، انهن مان ڪابہ شيءِ تون پنهنجن دروازن جي اندر کائي نٿو سگهين:


پر پنهنجون پاڪ شيون انهي هنڌ کڻي وڃج جو خداوند چونڊيندو:


۽ اتي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، ۽ پنهنجا ڏهان حصا، ۽ پنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ پنهنجون مڃتائون، ۽ پنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ پنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا پيش ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ