Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 7:13 - Sindhi Bible

13 انهن کان سواءِ، پنهنجي سلامتيءَ جي قربانيءَ سان گڏ، شڪرگذاريءَ لاءِ، فطيري مانيون قرباني طور پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 انهيءَ سلامتيءَ جي قربانيءَ سان گڏ هو خميري مانيءَ جا ڍوڍا بہ پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 7:13
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.


اوهين پهريون ڦل خداوند جي حضور ۾ قربانيءَ طور پيش ڪجو: پر اهي چڱيءَ خوشبوءِ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙيا نہ وڃن.


اوهين پنهنجن گهرن مان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جون ٻہ مانيون لوڏڻ جي لاءِ آڻجو: اهي ميدي جون هجن، ۽ خمير گڏي پچائجن، تہ خداوند جي لاءِ پهرئين ڦر جي قرباني ٿئي.


۽ اوهين انهيءَ مانيءَ سان گڏ ست يڪسالا بي عيب گهٽا، هڪڙو وهڙو، ۽ ٻہ گهيٽا پيش ڪجو: اهي کاڌي جي قربانيءَ ۽ پيئڻ جي قربانيءَ سان گڏ، خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هجن، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني خمير سان ادا ڪريو، ۽ خوشي جون قربانيون پڌريون ڪريو، ۽ انهن جو اشتهار ڪريو، ڇالاءِ جو اي بني اسرائيل، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو اوهان کي پسند آهي.


وري هن ٻيو مثال چئي ٻڌاين، تہ آسمان جي بادشاهت خمير مثل آهي، جو ڪنهن زال کڻي اٽي جي ٽن ماڻن ۾ ملايو، تان جو اُهو سڀ خميرجي پيو.


ڇالاءِ تہ سڀڪا شيءِ جا خدا خلقي آهي، سا چڱي آهي، ۽ رد ڪرڻ نہ گهرجي؛ بشرطيڪ اُها شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ