Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:27 - Sindhi Bible

27 جيڪو انهي جي گوشت کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو: ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪپڙي تي انهي جي رت جا ڇنڊا پئجي وڃن تہ، جنهن تي اهي پيا هجن، سو تون ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي ڌوئج،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ جانور جي گوشت کي ڇهي يا جا بہ شيءِ ان تي استعمال ٿئي سا ضرور مخصوص ٿيل هجي. جيڪڏهن ڪنهن ڪپڙي تي انهيءَ جي رت جا ڇنڊا پئجي وڃن تہ اهو پاڪ جاءِ تي وڃي ڌوئجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:27
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ستن ڏينهن تائين تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪج، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪج، تہ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪا شيءِ قربانگاهہ کي لڳندي سا پاڪ ٿيندي.


۽ تون انهن کي پاڪ ڪج، تہ اهي تمام پاڪ ٿين؛ ۽ جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.


۽ جڏهن هو نڪري ٻاهرين ايوان ۾ وڃن، يعني عام ماڻهن واري ايوان ۾، تڏهن جن ڪپڙن ۾ هنن خدمت ٿي ڪئي سي لاهي پاڪ ڪوٺين ۾ رکن ۽ ٻيا ڪپڙا پائين، تہ متان پنهنجن ڪپڙن سان عام خلق کي پاڪ ڪن.


۽ اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا، سا ناپاڪ ٿيندي: پوءِ کڻي اهو ڪاٺ جو ٿانو هجي، يا ڪپڙو هجي، يا کل هجي، يا ٻورو هجي، مطلب تہ ڪنهن بہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙو بہ ٿانو هجي، تہ انهي کي پاڻيءَ ۾ وجهڻ گهرجي، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ پوءِ پاڪ ٿيندو.


هارون جي اولاد مان سڀ ڪو مرد ماڻهو اهو کائي، ڇالاءِ جو اوهانجن سڀني پيڙهين ۾، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.


جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي، سو کائڻ ۾ نہ اچي، اهو باهہ سان ساڙي ڇڏڻ گهرجي، ۽ باقي جيڪو گوشت آهي، سو هرڪو پاڪ ماڻهو ڀلي کائي:


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ گوشت پنهنجن ڪپڙن جي دامن ۾ کڻي وڃي، ۽ پنهنجي دامن سان ماني، يا ڀت، يا شراب، يا تيل، يا ڪنهن بہ کاڌي جي شيءِ کي ڇُهي، تہ اُها شيءِ پاڪ ٿي پوندي ڇا؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏيئي چيو تہ نہ.


۽ منٿ ڪري چيائونس، تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتو، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.


ڇالاءِ جو هن پنهنجي دل ۾ چيو ٿي تہ جي آئون رڳو هن جي پوشاڪ کي هٿ لائينديس تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


ڇالاءِ جو ڏسو، اها ئي ساڳي ڳالهہ تہ اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪهڙي نہ سرگرمي، ڪهڙي نہ عذرخواهي، ڪهڙي نہ غيرت، ڪهڙو نہ ڊپ، ڪهڙي نہ سڪ، ڪهڙو نہ شوق، ڪهڙو نہ انتقام پيدا ڪيو! هر طرح سان اوهان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ انهي ڳالهہ ۾ اوهين آجا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ