Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:25 - Sindhi Bible

25 هارون ۽ سندس پٽن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: تہ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، انهيءَ هنڌ گناهہ جي قرباني بہ، خداوند جي حضور ۾، ذبح ڪئي وڃي: اها تمام پاڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 ”هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ قربان‌گاهہ جي اتر پاسي، جنهن جاءِ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ئي جاءِ تي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو جانور بہ مون خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ مخصوص آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن مون کي چيو تہ اُتر واريون ڪوٺيون ۽ ڏکڻ واريون ڪوٺيون، جي علحدي جاءِ جي اڳيان آهن، سي پاڪ ڪوٺيون آهن، جتي اُهي ڪاهن، جي خداوند جي حضوري ۾ وڃن ٿا، سي تمام پاڪ شيون کائيندا: اُتي هو تمام پاڪ شيون ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني رکن؛ ڇالاءِ جو اُها جاءِ پاڪ آهي.


۽ انهي کي هو قربانگاهہ جي اُتر واري پاسي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


۽ هو انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي رت آڻي پيش ڪن، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


هو پنهنجي خدا جي مانيءَ مان ڀلي کائي، پوءِ اها کڻي پاڪ ترين يا پاڪ مڪان جي هجي.


۽ هو انهي ٻڪر جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ انهي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ هو انهي گناهہ جي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ سوختني قربانيءَ واري هنڌ، اها گناهہ جي قرباني ذبح ڪري.


انهي ۾ خمير گڏي نہ پچائين. مون اهو هنن کي پنهنجين باهہ سان ساڙيل قربانين مان سندن حصو ڏنو آهي؛ اهو گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ وانگر تمام پاڪ آهي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


ڪاهنن مان سڀ ڪو ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اهو تمام پاڪ آهي.


جهڙي گناهہ جي قرباني آهي، تهڙي خطا جي قرباني آهي، انهي جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي: جيڪو ڪاهن انهيءَ سان ڪفارو ڪري، تنهن کي ئي اها ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ