اوهان گناهہ جي قرباني پاڪ جاءِ ۾ ويهي ڇو نہ کاڌي، جنهن صورت ۾ اها تمام پاڪ آهي، ۽ خداوند اوهان کي انهي لاءِ ڏني آهي، تہ اوهين جماعت جو گناهہ کڻي، خداوند جي حضور ۾ انهي جي لاءِ ڪفارو ڪريو؟
۽ پاڪ مڪان ۾ جنهن هنڌ گناهہ جي قرباني ۽ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ هو انهي گهيٽي کي ذبح ڪري: ڇالاءِ تہ جهڙي طرح گناهہ جي قرباني ڪاهن جي آهي، تهڙي طرح خطا جي قرباني بہ ڪاهن جي آهي: اها تمام پاڪ آهي: