Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:21 - Sindhi Bible

21 اهو تئي تي تيل سان پچائجي؛ جڏهن اهو پچي، تڏهن تون اهو اندر کڻي اچج، ۽ تون انهي پڪل ميدي جا ٽڪر ٽڪر ڪري، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اهو ميدو تيل ۾ ڳوهي تئي تي پچائجي. جڏهن پچي وڃي تڏهن اهو اندر آندو وڃي ۽ انهيءَ جا ڀورا ڀورا ڪري اناج جي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ پيش ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ميدو، خواہ اها اڻ خميري ماني، يا تئي تي پڪل يا تريل شيءِ هجي، تہ هو انهن جي تور ۽ ماپ جو ڪم ڪن؛


۽ لاوين مان هڪڙو متتياہ، جو سلوم قرحيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو، سو انهن شين تي مقرر هوندو هو جي تئيءَ ۾ پچائبيون هيون.


۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ انهن مان ڪي ڪرندو تہ انهي ۾ جيڪي بہ پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ انهي ٿانو کي ڀڃي ڇڏجو.


۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو کي پرميل وارو ماڻهو ڇهندو، سو ڀڃي ڇڏبو: ۽ سڀ ڪو ڪاٺ جو ٿانو پاڻيءَ ۾ ڌوئبو.


۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تئي تي پڪل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي فطيريءَ مانيءَ جي هجي.


۽ هن جي پٽن مان جيڪو سندس جاءِ تي مسح ڪيل ڪاهن هجي سو انهيءَ کي پيش ڪري: اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي، تہ اها قرباني خداوند جي لاءِ سموري ساڙي ڇڏجي.


جي هو اها شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري، تہ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل فطيري مانيون، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون، ۽ تيل ۾ ڳوهيل پڪل ڍوڍا پيش ڪري.


۽ سڀ ڪا کاڌي جي قرباني، جا تنور ۾ پڪل هوندي، يا تيل ۾ تريل، يا تئي تي پڪل هوندي، سا انهي ڪاهن جي ٿيندي جو انهيءَ کي پيش ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ