Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:20 - Sindhi Bible

20 جنهن ڏينهن هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪيو وڃي، تنهن ڏينهن اهي جيڪا قرباني خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن سا هيءَ آهي: يعني ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هميشہ کاڌي جي قربانيءَ طور آڻين، انهي جو اڌ صبح جي وقت، ۽ اڌ شام جي وقت آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ”جنهن ڏينهن هارون جي اولاد مان ڪنهن کي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي تنهن ڏينهن اهو مون خداوند جي حضور ۾ باقاعدي اناج جي قربانيءَ طور هڪ ڪلوگرام ميدو آڻي، جنهن مان اڌ صبح جو ۽ اڌ شام جو هن ريت پيش ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ميدو، خواہ اها اڻ خميري ماني، يا تئي تي پڪل يا تريل شيءِ هجي، تہ هو انهن جي تور ۽ ماپ جو ڪم ڪن؛


هاڻي هڪڙو عومر، هڪڙي عيفا جو ڏهون حصو آهي.


۽ فطيري ماني، ۽ تيل ۾ ڳوهيل فطيري ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون: اهي سڀ ميدي جون جوڙج،


۽ انهي سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، تيل ۾ ڳوهيل هجي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي: ۽ انهي سان گڏ پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري مئي هجي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاهدي ڀرڻ وقت، جڏهن کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجيس، سو نہ ٻڌائي، تہ هو گناهہ ٿو ڪري ۽ انهي جو ڏوهہ مٿس پوندو.


پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.


پوءِ هو پنهنجا اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پائي، ۽ قربانگاهہ وٽان اها رک ڪنهن صاف جاءِ تي کڻي وڃي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


روزمرہ جي سوختني قرباني، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، هيءَ هر ڪنهن سبت جي سوختني قرباني آهي.


تون هنن کي چئُہ، تہ جيڪا باهہ سان ساڙڻ واري قرباني اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سا هيءَ آهي؛ هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا سوختني قربانيءَ جي لاءِ تون هميشہ چاڙهيندو رهج.


۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جو ڪم هي ٿيندو: تہ هو ڏيئن ٻارڻ جي تيل، ۽ خوشبودار مصالحہ، ۽ نذر جي هميشہ واري قرباني، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل، ۽ عبادت جي خيمي، ۽ انهي جي سموري سامان، ۽ پاڪ مڪان ۽ انهي جي سموري سامان، جي نگهباني ڪري.


ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن جو ماڻهن مان ٿو چونڊجي؛ سو ماڻهن جي لاءِ انهن ڳالهين واسطي مقرر ڪيو ٿو وڃي، جي خدا سان لاڳاپو ٿيون رکن، انهي لاءِ تہ نذر ۽ گناهن جون قربانيون ادا ڪري.


جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ