تڏهن هن مون کي چيو تہ اُتر واريون ڪوٺيون ۽ ڏکڻ واريون ڪوٺيون، جي علحدي جاءِ جي اڳيان آهن، سي پاڪ ڪوٺيون آهن، جتي اُهي ڪاهن، جي خداوند جي حضوري ۾ وڃن ٿا، سي تمام پاڪ شيون کائيندا: اُتي هو تمام پاڪ شيون ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني رکن؛ ڇالاءِ جو اُها جاءِ پاڪ آهي.
هارون جي اولاد مان سڀ ڪو مرد ماڻهو اهو کائي، ڇالاءِ جو اوهانجن سڀني پيڙهين ۾، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.
جنهن ڏينهن هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪيو وڃي، تنهن ڏينهن اهي جيڪا قرباني خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن سا هيءَ آهي: يعني ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هميشہ کاڌي جي قربانيءَ طور آڻين، انهي جو اڌ صبح جي وقت، ۽ اڌ شام جي وقت آڻين.
جيڪي شيون تمام پاڪ آهن، تن مان جيڪو باهہ کان بچايو ويندو سو تنهنجو ٿيندو: ۽ هنن جو هرڪو نذرانو، يعني هنن جي هرڪا کاڌي جي قرباني، ۽ هرڪا گناهہ جي قرباني، جا هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، سا تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجن پٽن جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندي.