Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:18 - Sindhi Bible

18 هارون جي اولاد مان سڀ ڪو مرد ماڻهو اهو کائي، ڇالاءِ جو اوهانجن سڀني پيڙهين ۾، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هارون جي اولاد مان رڳو مرد ماڻهو اهو کائين. اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي. جيڪو انهن قربانين کي ڇهي سو ضرور مخصوص ٿيل هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ستن ڏينهن تائين تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪج، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪج، تہ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪا شيءِ قربانگاهہ کي لڳندي سا پاڪ ٿيندي.


۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.


۽ هو انهي ٻڪر جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ انهي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ جيڪڏهن ڪو مسح ڪيل ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري جنهنڪري سڄي اُمت ڏوهاري ٿئي؛ تہ پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هڪڙو بي عيب وهڙو خداوند جي حضور ۾ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.


۽ هو انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ سوختني قربانيءَ واري هنڌ، اها گناهہ جي قرباني ذبح ڪري.


۽ ڪاهن پنهنجي سڻيءَ جي پوشاڪ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي؛ ۽ سوختني قرباني جا قربانگاهہ جي باهہ ۾ سڙي رک ٿي ويئي هجي، اها رک هو کڻي قربانگاهہ جي پاسي تي وجهي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


جيڪو انهي جي گوشت کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو: ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪپڙي تي انهي جي رت جا ڇنڊا پئجي وڃن تہ، جنهن تي اهي پيا هجن، سو تون ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي ڌوئج،


ڪاهنن مان سڀ ڪو ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اهو تمام پاڪ آهي.


۽ ڪاهنن مان سڀ ڪو مرد ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اها ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي کائجي: اها تمام پاڪ آهي.


انهن کي تون تمام پاڪ شين وانگر کائج: هرڪو مرد ماڻهو انهن مان کائي؛ اهي تنهنجي لاءِ پاڪ آهن؛


۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ ڏس، مون پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون تنهنجي حوالي ڪيون آهن، يعني بني اسرائيل جون سڀ پاڪ شيون توکي ڏنيون اٿم: مسح ڪرڻ جي ڪري مون اهي تو کي، ۽ تنهنجن پٽن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن.


اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ خدمت ٿا ڪن سي هيڪل جي شين مان ٿا کائين؛ ۽ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ٿا ڪن، تن کي قربانگاهہ مان حصو ٿو ملي؟


هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آئون پاڪ آهيان.“


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ