Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:15 - Sindhi Bible

15 ۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 هو انهيءَ اناج جي قربانيءَ واري تيل گڏيل ميدي مان، قربانيءَ تي رکيل سموري لوبان سميت مٺ ڀري ڪڍي ۽ اها قربان‌گاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ ساڙي. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:15
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي.


۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.


۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ