Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:14 - Sindhi Bible

14 ۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اناج جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي تہ هارون جي پٽن مان ڪو ڪاهن اها قربان‌گاهہ جي سامهون مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لاوين مان هڪڙو متتياہ، جو سلوم قرحيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو، سو انهن شين تي مقرر هوندو هو جي تئيءَ ۾ پچائبيون هيون.


پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي کي پرن کان وٺي ڦاڙي، پر ڇني ڌار نہ ڪري: پوءِ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ واريءَ باهہ تي، جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي:


قربانگاهہ تي باهہ هميشہ ٻرندي رهي، ۽ اها ڪڏهن بہ وسائي نہ وڃي.


۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين.


تہ انهي وقت جيڪو خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري، سو هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي.


يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهٽي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي ٽئين حصي جيتري تيل ۾ تيار ڪج.


تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ هڪڙي ايفہ جي ٽئين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي اڌ جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.


تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اُهو موسيٰ ڪين هو جنهن اوهان کي آسمان مان ماني ڏني، پر منهنجو پيءُ اوهان کي آسمان مان سچي ماني ٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ