۽ پهرين گهٽي سان گڏ هي شيون بہ هجن، يعني ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو جو جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين پتيءَ ۾ ڳوهيل هجي، ۽ مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو، پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هجي.
۽ جنهن ڪوٺيءَ جو رخ اُتر ڏانهن آهي سا قربانگاهہ جي سنڀال ڪندڙن ڪاهنن لاءِ آهي، جي صدوق جا پٽ آهن، جي لاوي جي اولاد مان خداوند جي خدمت چاڪري ڪرڻ ايندا آهن.
قربانگاهہ تي باهہ ٻرندي رهي، ۽ اها ڪڏهن بہ وسائي نہ وڃي؛ ۽ ڪاهن هر روز صبح جو انهيءَ تي ڪاٺيون ٻاري: ۽ انهن تي سوختني قرباني ٺاهي رکي، ۽ انهيءَ جي مٿان سلامتيءَ جي قرباني جي چرٻي ساڙي.