Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 6:11 - Sindhi Bible

11 پوءِ هو پنهنجا اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پائي، ۽ قربانگاهہ وٽان اها رک ڪنهن صاف جاءِ تي کڻي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ هو پنهنجي اها خاص پوشاڪ لاهي ٻي پائي ۽ اتان اها رک کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪنهن پاڪ جاءِ تي وڃي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 6:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ستن ڏينهن تائين تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪج، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪج، تہ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪا شيءِ قربانگاهہ کي لڳندي سا پاڪ ٿيندي.


۽ جڏهن هو نڪري ٻاهرين ايوان ۾ وڃن، يعني عام ماڻهن واري ايوان ۾، تڏهن جن ڪپڙن ۾ هنن خدمت ٿي ڪئي سي لاهي پاڪ ڪوٺين ۾ رکن ۽ ٻيا ڪپڙا پائين، تہ متان پنهنجن ڪپڙن سان عام خلق کي پاڪ ڪن.


۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو ٻڪر، جنهن جو رت ڪفاري ڪرڻ لاءِ پاڪ مڪان ۾ آندو هئائين، تن کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃن؛ ۽ انهن جون کلون، ۽ گوشت، ۽ ڇيڻو، ۽ ڦولڙيون باهہ ۾ ساڙي ڇڏين.


۽ اهي مانيون هارون ۽ سندس پٽن جون ٿينديون، ۽ هو اهي ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ ويهي کائين؛ ڇالاءِ جو اهو هميشہ جي قانون موجب، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان هن جي لاءِ تمام پاڪ آهي.


يعني سڄو وهڙو منزلگاهہ کان ٻاهر ڪنهن صاف جاءِ تي، جتي رک اُڇلائبي آهي اتي کڻي وڃي، ۽ اتي انهي کي ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏي: جتي رک اُڇلائبي آهي، اتي انهيءَ کي کي ساڙي ڇڏي.


۽ اهو انهي وهڙي کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي، ۽ جهڙي طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو هئائين، تهڙيءَ طرح هن کي بہ ساڙي ڇڏي: اها جماعت جي لاءِ گناهہ جي قرباني آهي.


۽ ڪاهن پنهنجي سڻيءَ جي پوشاڪ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي؛ ۽ سوختني قرباني جا قربانگاهہ جي باهہ ۾ سڙي رک ٿي ويئي هجي، اها رک هو کڻي قربانگاهہ جي پاسي تي وجهي.


قربانگاهہ تي باهہ ٻرندي رهي، ۽ اها ڪڏهن بہ وسائي نہ وڃي؛ ۽ ڪاهن هر روز صبح جو انهيءَ تي ڪاٺيون ٻاري: ۽ انهن تي سوختني قرباني ٺاهي رکي، ۽ انهيءَ جي مٿان سلامتيءَ جي قرباني جي چرٻي ساڙي.


جنهن ڏينهن هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪيو وڃي، تنهن ڏينهن اهي جيڪا قرباني خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن سا هيءَ آهي: يعني ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هميشہ کاڌي جي قربانيءَ طور آڻين، انهي جو اڌ صبح جي وقت، ۽ اڌ شام جي وقت آڻين.


۽ هن جي پٽن مان جيڪو سندس جاءِ تي مسح ڪيل ڪاهن هجي سو انهيءَ کي پيش ڪري: اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي، تہ اها قرباني خداوند جي لاءِ سموري ساڙي ڇڏجي.


۽ ڪاهنن مان سڀ ڪو مرد ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اها ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي کائجي: اها تمام پاڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ