Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 5:9 - Sindhi Bible

9 هو انهي گناهہ جي قرباني جي رت مان ڪجهہ قربانگاهہ جي پاسي تي ڇاٽاري؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاسي تي هاري ڇڏي: اها گناهہ جي قرباني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هو انهيءَ جي رت مان ڪجھہ قربان‌گاهہ جي پاسي تي ڇٽڪاري ۽ باقي رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 5:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کي اهو پسند آيو تہ پنهنجيءَ راستبازيءَ جي خاطر شريعت جو اقبال وڌائي ۽ انهيءَ کي سرفراز ڪري.


۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي آڻي، انهي جي سسي مروٽي ڇڏي، ۽ پوءِ انهي کي قربانگاهہ تي ساڙي؛ ۽ انهي جو رت قربانگاهہ جي پاسي تي وهائي ڇڏي:


۽ هو انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي رت آڻي پيش ڪن، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ اهو انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي، ۽ باقي رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان، ڪجهہ پنهنجي آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهي جو باقي رت سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهيءَ جو باقي سڀ رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهيءَ جو باقي سڀ رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي:


۽ ڪاهن انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا خوشبوءِ دار لوبان جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي؛ ۽ وهڙي جو باقي سڀ رت، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


جنهن هنڌ اهي سوختني قرباني ذبح ڪندا آهن، انهي هنڌ خطا جي قرباني بہ ذبح ڪن: ۽ هو انهيءَ جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري.


۽ نئين عهد جي درميانيءَ يسوع وٽ، ۽ اُنهي ڇڻڪيل رت وٽ، جو هابل جي رت کان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو جنهن جي لاءِ سڀ شيون آهن، ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن لاءِ اهو مناسب هو تہ جڏهن گهڻن پٽن کي جلال تائين پهچائي، تڏهن انهن جي نجات جي بانيءَ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ