Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 5:5 - Sindhi Bible

5 ۽ هيئن ٿيندو تہ، جڏهن هو انهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿئي، تڏهن هو قبول ڪري، تہ فلاڻيءَ ڳالهہ ۾ مون گناهہ ڪيو آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهن ڳالهين مان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ جڏهن کيس پنهنجي ڏوهاري هجڻ جي خبر پوي تڏهن قبول ڪري تہ ’فلاڻي ڳالهہ ۾ مون گناهہ ڪيو آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 5:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ماڻهن جي اڳيان ڳائي ٿو ۽ چوي ٿو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي سنئون هو تنهن کي ڏنگو ڪيو اٿم، ۽ انهيءَ مان مون کي ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿيو:


مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ مون پنهنجي برائي ڪين لڪائي: مون چيو تہ آءٌ خداوند وٽ پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندس؛ ۽ تو منهنجن گناهن جي برائي معاف ڪئي.


جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رڳو پنهنجو گناهہ قبول ڪر، تہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم عدولي ڪئي اٿيئي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ پنهنجا رستا پکيڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي ڪلام جي تابعداري نہ ڪئي اٿيئي.


۽ مون خداوند پنهنجي خدا اڳيان دعا ڪئي، ۽ ڏوهہ قبول ڪيم، ۽ چيم تہ اي خداوند، وڏا ۽ هيبت وارا خدا، جو انهن سان عهد اقرار قائم رکين ٿو، ۽ انهن تي ڪرم ڪرين ٿو، جي توکي پيار ٿا ڪن، ۽ تنهنجن حڪمن جي سنڀال ٿا ڪن؛


۽ هارون انهي جيئري ٻڪر جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکي، ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، ۽ سڀني قصورن، يعني انهن جي سڀني گناهن جو انهي تي قبولدار ٿئي؛ ۽ هو اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي، پوءِ جيڪو ماڻهو انهي ڪم لاءِ مقرر ڪيل هجي، تنهن جي هٿان انهي ٻڪر کي بيابان ڏانهن موڪلي ڇڏي:


۽ جڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا، ۽ قبولدار ٿيندا، تہ جيڪا منهنجي نافرماني ڪري هو منهنجي برخلاف هليا آهن،


۽ انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هن کي معافي ملندي: ۽ باقي جيڪي بچي سو کاڌي جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.


تڏهن اهي پنهنجي گناهہ جا قبولدار ٿين، ۽ پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏين، ۽ انهي جو پنجون حصو انهي ۾ وڌيڪ گڏين، پوءِ اهو انهي کي ڏين، جن جو انهن ڏوهہ ڪيو هجي.


ڇالاءِ جو راستبازيءَ لاءِ ماڻهو دل سان ايمان ٿو آڻي، ۽ نجات جي واسطي وات سان اقرار ٿو ڪري.


۽ يشوع عڪن کي چيو تہ اي پٽ، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر، ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ؛ ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ؛ اهو مون کان نہ لڪاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ