Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 5:4 - Sindhi Bible

4 يا جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ڪا نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چپن سان قسم کڻي، پوءِ اهو ڪجهہ بہ هجي، جنهن لاءِ ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ قسم کڻي، ۽ انهي جي خبر نہ هجيس؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو اُنهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا سوچڻ سمجھڻ جي نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ ڪوبہ قسم کڻي ٿو وجھي، جنهن ڳالهہ جي کيس خبر نہ ٿي رهي، تہ پوءِ جڏهن کيس اها معلوم ٿئي تڏهن هو اهڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 5:4
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.


تڏهن هن چيو تہ جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن اليشع بن سافط جي سسي سندس ڌڙ تي بيٺي تہ خدا شل مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


ڇالاءِ جو انهن هن جي روح کي رنج ڪيو، ۽ موسيٰ بي سوچي ڳالهايو.


۽ انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هن کي معافي ملندي: ۽ باقي جيڪي بچي سو کاڌي جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي ناپاڪيءَ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ انهي جي ناپاڪيءَ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڇهي؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو ناپاڪ ٿيندو:


۽ جي انهيءَ زال جون مڃتائون، يا خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، تنهن جي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ هن جي شادي ٿئي؛


پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ هن ڄڻ تہ پنهنجيءَ زال جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هو، سي رد ڪري ڇڏيا: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.


جنهن تي هن قسم کڻي ساڻس انجام ڪيو تہ جيڪي تون گهُرندينءَ سو ڏيندوسانءِ.


تنهن تي بادشاهہ کي ڏک ٿيو، پر پنهنجن قسمن جي ڪري ۽ مهمانن جي سانگي، حڪم ڪيائين تہ اُها آڻي ڏيوس؛


۽ قسم کڻي چيائينس تہ اڌ بادشاهت تائين جيڪي بہ گهرندئين سو ڏيندوسانءِ.


۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ ٻَڌي ڪئي ۽ لعنت وجهي چيائون، تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين.


۽ انهن ماڻهن هن کي جواب ڏنو تہ جيڪڏهن تون هيءَ اسان جي ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ اسان جي حياتيءَ جو عيوض اوهان جي سلامتي ٿيندي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند اسان کي هيءَ زمين ڏيندو، تڏهن اسين تو سان مهرباني ۽ سچائيءَ جي هلت سان پيش اينداسين.


۽ يشوع هنن سان صلح ڪيو، ۽ ساڻن عهد ٻڌائين، تہ هنن کي جيئدان ملي: ۽ جماعت جي سردارن هنن سان قسم کنيو.


تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس، تڏهن منهنجي گهر جي دروازي مان جيڪي ٻاهر نڪرندو، سو خداوند جو ٿيندو، ۽ انهي کي آءٌ سوختني قرباني ڪري چاڙهيندس.


انهيءَ هوندي بہ اسين هنن کي پنهنجون ڌيئرون پرڻائي نہ ڏينداسين: ڇالاءِ جو بني اسرائيل قسم کڻي چيو هو تہ لعنت هجي انهيءَ تي جو بنيمين کي ڪا زال ڏئي.


۽ جيڪي بچيا آهن تن جي لاءِ زالن بابت اسين ڪيئن ڪريون، ڇالاءِ جو اسان خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجون ڌيون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين؟


تڏهن جي اوهان اڄ يروبعل ۽ ان جي گهراڻي سان سپت ۽ سچائي جي هلت ڪئي آهي، تہ ڀلي اوهين ابيملڪ مان خوش ۽ راضي رهو، ۽ هو بہ اوهان مان خوش ۽ راضي رهي:


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


سو جيڪڏهن آءٌ صبح جي سوجهري کان اڳي جيڪي هن وٽ آهن تن مان هڪڙو ڇوڪرو ئي کڻي ڇڏيان، تہ شل خدا دائود جي دشمنن سان ائين ڪري بلڪ زيادہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ