Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 5:2 - Sindhi Bible

2 يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ مرونءَ جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو مڙهہ هجي، تہ بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ جھنگلي جانور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو يا وري ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو، تڏهن بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 5:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنهن کي پنهنجي ڀل جي ڪل ٿي پوي؟ تون مون کي ڳجهن ڏوهن کان پاڪ ڪر.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


اهي اوهان جي لاءِ مڪروهہ ٿيندا؛ اوهين انهن جي گوشت مان ڪجهہ بہ نہ کائجو، ۽ انهن جي مڙهن کان ڪراهت ڪجو.


انهي جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن.


۽ جيڪڏهن اسرائيل جي سڄي جماعت ڪا خطا ڪري، ۽ اها ڳالهہ جماعت جي نظر کان لڪل هجي، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪم هنن ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيا هجن؛


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪري: ۽ جيتوڻيڪ انهي جي خبر نہ هجيس، تہ بہ هو ڏوهاري آهي، ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي ناپاڪيءَ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ انهي جي ناپاڪيءَ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڇهي؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو ناپاڪ ٿيندو:


يا جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ڪا نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چپن سان قسم کڻي، پوءِ اهو ڪجهہ بہ هجي، جنهن لاءِ ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ قسم کڻي، ۽ انهي جي خبر نہ هجيس؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو اُنهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو:


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪي ماڻهو جي هجي توڙي جانور جي هجي، يا ڪا ٻي ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، ۽ انهيءَ حالت ۾ خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


تڏهن حجيءَ چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مردي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ اُهو انهن شين مان ڪا ڇهي تہ پوءِ اُها شيءِ ناپاڪ ٿيندي يا نہ؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏني تہ اُها ناپاڪ ٿيندي.


۽ اهو ناپاڪ ماڻهو جنهن شيءِ کي ڇهندو سا شيءِ ناپاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين اُنهن قبرن وانگر آهيو جي ڏسڻ ۾ ئي ڪين ٿيون اچن، جن تي ماڻهو هلن ٿا، پر انهن جي خبر ڪانہ ٿي رهين.


تنهنڪري اوهين انهن منجهان نڪري اچو ۽ ڌار ٿيو، ۽ ڪنهن بہ پليت شئي کي هٿ نہ لايو، ۽ آئون اوهان کي قبول ڪندس؛


۽ سوئر؛ ڇالاءِ جو هن جا کر چيريل آهن پر اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي: انهن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ