Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 5:16 - Sindhi Bible

16 ۽ انهيءَ پاڪ شيءِ بابت هن جيڪا خطا ڪئي هجي، تنهن جو عيوضو ڀري ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڪاهن کي ڏئي: ۽ ڪاهن انهيءَ خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 انهيءَ مخصوص شيءِ نہ ڏيڻ جو جيڪو قصور ڪيو هجائين تنهن جو عيوض ڀري ڏئي. انهيءَ ۾ پنجون حصو ٻيو وڌائي اهو سڀ ڪاهن کي ڏئي. ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو اهو گھٽو هن لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 5:16
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي بنا سبب مون سان دشمن ٿا رکن سي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ گهڻا آهن: جيڪي ناحق مون سان دشمني ڪري مون کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرن سي زوراور آهن: انهي ڪري جيڪي مون کسيو ڪونہ هو، سو مون ڀري ڏنو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي، ۽ انهي کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند، ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان انهيءَ پاڪ شيءِ مان ڪي کائي، تہ پوءِ هو اُنهي جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ گڏ ڪري، ۽ پوءِ اها پاڪ شيءِ ڪاهن کي ڏئي.


پر جي هو عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.


۽ جنهن ماڻهوءَ اهو گهر پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنو هجي، سو جيڪڏهن عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پيسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گهر سندس ٿيندو.


۽ جيڪڏهن اهو جانور ناپاڪ هجي، تہ هو تنهنجي ٺهرايل انداز موجب پئسا ڏيئي انهي کي ڇڏائي، ۽ انهي جي قيمت جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي، پر جي اهو نہ ڇڏايو وڃي تہ تنهنجي انداز موجب وڪيو وڃي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڏهين حصي مان ڪجهہ ڇڏائڻ گهري، تہ هو اُنهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.


هو وهڙي سان ائين ئي ڪري: يعني جهڙي طرح هن گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪيو هو، تهڙيءَ طرح هن سان بہ ڪري: ۽ ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي.


۽ انهي جي سڀ چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ ٻئي کي هو قانون موجب سوختني قربانيءَ طور پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هن کي معافي ملندي: ۽ باقي جيڪي بچي سو کاڌي جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.


پوءِ جيڪو گناهہ ڪيو هجيس، انهي جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ پنهنجي قرباني آڻي، اها قرباني ڌڻن مان ڪو گهيٽو يا ٻڪري هئڻ گهرجي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري.


جنهن هنڌ اهي سوختني قرباني ذبح ڪندا آهن، انهي هنڌ خطا جي قرباني بہ ذبح ڪن: ۽ هو انهيءَ جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري.


تڏهن اهي پنهنجي گناهہ جا قبولدار ٿين، ۽ پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏين، ۽ انهي جو پنجون حصو انهي ۾ وڌيڪ گڏين، پوءِ اهو انهي کي ڏين، جن جو انهن ڏوهہ ڪيو هجي.


پر جيڪڏهن انهي ماڻهوءَ جو ڪو اهڙو عزيز خويش نہ هجي، جنهن کي اهو عيوضو ڏنو وڃي، تہ پوءِ اهڙي ڏوهہ جو عيوضو، جيڪو خداوند جي لاءِ ڏيڻ ۾ اچي سو ڪاهن جو آهي؛ انهي کان سواءِ ڪفاري جو گهٽو، جنهن سان ڪفارو ڪيو وڃي، سو بہ ڪاهن جو آهي.


پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان.


پهريائين دمشق جي ماڻهن کي، ۽ پوءِ يروشلم ۾، ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ ۾، ۽ غير قومن کي بہ چوندو رهيس تہ اُهي توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ اهڙا ڪم ڪن جي توبهہ ڪندڙن جي لائق هجن.


تڏهن هنن چيو تہ جي اوهين اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو تہ اُها خالي نہ موڪليو؛ پر ڪنهن قسم جي ڏوهہ جي قربانيءَ سميت موٽائي موڪليو: تڏهن اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا، ۽ اوهان کي معلوم ٿيندو تہ هن جو هٿ اوهان تان ڇو کنيو نٿو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ