Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 5:15 - Sindhi Bible

15 جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي پاڪ شين جي بابت ڀل مان ڪو قصور يا گناهہ ڪري؛ تہ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو، خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب، پاڪ مڪان جي مشقالن جهڙو چانديءَ جو مشقال هجي، اها گناهہ جي قرباني آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 5:15
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي پئسا خطا جي قربانين جا، ۽ گناهہ جي قربانين جا هوندا هئا، سي خداوند جي گهر ۾ نہ آڻيندا هئا: اُهي ڪاهنن کي ملندا هئا.


۽ انهن پنهنجو هٿ ڏنو تہ پنهنجون زالون ڪڍي ڇڏيندا، ۽ ڏوهاري هئڻ ڪري، پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڌڻ مان هڪڙو گهٽو قرباني ڪيائون.


اهي هن ريت صدقو ڏين: جيڪو ماڻهو شمار ٿيندڙن ۾ شامل ٿئي، سو عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏئي، (هڪڙو مشقال ويهن جيراهن جي برابر آهي): يعني هو اڌ مشقال خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي.


۽ در جي اڳ واري ايوان ۾ ٻہ ميزون هِن پاسي رکيل هيون، ۽ ٻہ ميزون هُن پاسي، جن تي سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني ذبح ٿيندي هئي.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


۽ ڪاهن هڪڙو گهيٽو، ۽ تيل جي ماڻ کڻي خطا جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، ۽ خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور لوڏي:


انهن ماڻهن جي قيمت، تنهنجي ٺهرايل انداز موجب هن ريت ٿيندي: مرد ماڻهوءَ جي واسطي جنهن جي عمر ويهن ورهين کان وٺي سٺ ورهين تائين هجي، تنهن جي لاءِ تون پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا چانديءَ جا پنجاهہ مشقال انداز مقرر ڪج.


تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خدا منع ڪئي آهي، تنهن بابت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ انهن مان ڪو ڪم ڪري:


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ انهيءَ پاڪ شيءِ بابت هن جيڪا خطا ڪئي هجي، تنهن جو عيوضو ڀري ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڪاهن کي ڏئي: ۽ ڪاهن انهيءَ خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ هو ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو آڻي جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب هجي، ۽ اهو خطا جي قربانيءَ طور ڪاهن وٽ وٺي اچي؛ ۽ جنهن ڳالهہ ۾ هن ڀل مان خطا ڪئي هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ هو پنهنجي خطا جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب هجي، ۽ اهو خطا جي قرباني طور ڪاهن وٽ وٺي اچي:


۽ خطا جي قرباني جو قاعدو هن ريت آهي: اها تمام پاڪ آهي.


۽ ڪاهنن مان سڀ ڪو مرد ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اها ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي کائجي: اها تمام پاڪ آهي.


تہ پوءِ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن ڀل مان اوهان کان خطا ٿي هجي، ۽ جماعت کي انهيءَ جي خبر نہ پوي، تہ پوءِ ساري جماعت خداوند جي لاءِ خوشبوءِ ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، انهي جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ سان گڏ دستوري حڪم موجب آڻي پيش ڪري؛ ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر پيش ڪري.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


پر جيڪڏهن انهي ماڻهوءَ جو ڪو اهڙو عزيز خويش نہ هجي، جنهن کي اهو عيوضو ڏنو وڃي، تہ پوءِ اهڙي ڏوهہ جو عيوضو، جيڪو خداوند جي لاءِ ڏيڻ ۾ اچي سو ڪاهن جو آهي؛ انهي کان سواءِ ڪفاري جو گهٽو، جنهن سان ڪفارو ڪيو وڃي، سو بہ ڪاهن جو آهي.


پر پنهنجون پاڪ شيون انهي هنڌ کڻي وڃج جو خداوند چونڊيندو:


تڏهن هنن چيو تہ جي اوهين اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو تہ اُها خالي نہ موڪليو؛ پر ڪنهن قسم جي ڏوهہ جي قربانيءَ سميت موٽائي موڪليو: تڏهن اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا، ۽ اوهان کي معلوم ٿيندو تہ هن جو هٿ اوهان تان ڇو کنيو نٿو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ