Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 5:12 - Sindhi Bible

12 ۽ هو اهو ڪاهن وٽ کڻي اچي، ۽ ڪاهن انهي مان هڪڙي مٺ يادگار لاءِ ڀري ڪڍي، ۽ قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي جي باهہ سان ساڙبيون آهن: اها گناهہ جي قرباني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هو اهو ميدو ڪاهن وٽ کڻي اچي ۽ ڪاهن انهيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي ۽ قربان‌گاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 5:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي کي پرن کان وٺي ڦاڙي، پر ڇني ڌار نہ ڪري: پوءِ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ واريءَ باهہ تي، جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي. ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گهيٽي مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبيون آهن: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هن کي معافي ملندي: ۽ باقي جيڪي بچي سو کاڌي جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.


۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين.


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري يادگيريءَ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙي، ۽ پوءِ زال کي اهو پاڻي پياري ڇڏي.


۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ