Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 4:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هو گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي جي هيءَ سموري چرٻي ڪڍي وٺي: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اُهي ڍڪيل آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 4:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


۽ گناهہ جي قربانيءَ جي چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.


۽ هو اُنهي جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، ۽ انهيءَ کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.


هو وهڙي سان ائين ئي ڪري: يعني جهڙي طرح هن گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪيو هو، تهڙيءَ طرح هن سان بہ ڪري: ۽ ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي.


۽ انهي جي سڀ چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گهيٽي مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبيون آهن: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ