پوءِ هو انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي، پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش تي اڀرندي پاسي ڇاٽاري؛ ۽ اهو رت پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳيان ست ڀيرا ڇاٽاري.
تنهن کان پوءِ هو گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر کي ذبح ڪري، جو اُمت جي واسطي آهي، ۽ انهي جو رت پردي جي اندر آڻي، ۽ انهي جي رت سان بہ ائين ئي ڪري، جيئن وهڙي جي رت سان ڪيو هئائين، يعني اهو رحمت جي پوش تي ۽ رحمت جي پوش جي اڳيان ڇاٽاري.