Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 4:35 - Sindhi Bible

35 ۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گهيٽي مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبيون آهن: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گھيٽي جي چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 4:35
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جي انهيءَ زال کي گهيٽي جيتري وسعت نہ هجي، تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا آڻي؛ هڪڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.


۽ باقي جيڪو تيل ڪاهن جي تريءَ تي هجي، سو هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي تي وجهي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.


پوءِ هو جيئري پکيءَ کي شهر کان ٻاهر کليل ميدان ۾ اُڏائي ڇڏي؛ انهيءَ طرح هو گهر جي لاءِ ڪفارو ڪري: تہ اهو گهر پاڪ ٿيندو.


۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.


۽ ڪاهن انهي خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان، هن جي گناهہ جي واسطي، خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري: پوءِ هن کي سندس گناهہ جي معافي ملندي.


هو وهڙي سان ائين ئي ڪري: يعني جهڙي طرح هن گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪيو هو، تهڙيءَ طرح هن سان بہ ڪري: ۽ ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي.


۽ انهي جي سڀ چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ ٻئي کي هو قانون موجب سوختني قربانيءَ طور پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هن کي معافي ملندي: ۽ باقي جيڪي بچي سو کاڌي جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.


پوءِ جيڪو گناهہ ڪيو هجيس، انهي جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ پنهنجي قرباني آڻي، اها قرباني ڌڻن مان ڪو گهيٽو يا ٻڪري هئڻ گهرجي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري.


۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ جنهن ڪم جي ڪرڻ ڪري، هو ڏوهاري ٿيو هوندو تنهن جي نسبت ۾ هن کي معافي ملندي.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون قربانگاهہ جي ويجهو وڃ، ۽ پنهنجي گناهہ جي قرباني، ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪر: ۽ اُمت جي قرباني چاڙهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.


۽ ڪاهن بني اسرائيل جي ساري جماعت لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي؛ ڇالاءِ جو اها هڪڙي ڀل ٿي ويئي هئي، تنهنڪري هنن پنهنجو نذرانو، يعني باهہ سان ساڙيل قرباني، ۽ پنهنجي خطا جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ اُنهي ڀل لاءِ پيش ڪئي:


۽ جنهن شخص ڀل مان اها خطا ڪئي آهي، تنهن جي گناهہ جي لاءِ، ڪاهن خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهي کي معافي ملندي.


ڇالاءِ جو مسيح شريعت جي تڪميل آهي، تہ جيڪو بہ ايمان آڻي سو راستباز ٺهري.


جو اسانجن گناهن جي لاءِ (موت جي) حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ جياريو ويو.


تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي.


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


جنهن ۾ اسان کي نجات، يعني پنهنجي گناهن کان معافي مليل آهي.


هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛


تنهنڪري جڏهن اسان جو هڪڙو وڏو سردار ڪاهن آهي، جو آسمانن مان لنگهي ويو آهي، يعني خدا جو فرزند يسوع، تڏهن اچو تہ اسين پنهنجي اقرار تي قائم رهون.


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


هن ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو، نڪا سندس وات مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي؛


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.


۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ