Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 4:3 - Sindhi Bible

3 ۽ جيڪڏهن ڪو مسح ڪيل ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري جنهنڪري سڄي اُمت ڏوهاري ٿئي؛ تہ پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هڪڙو بي عيب وهڙو خداوند جي حضور ۾ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪڏهن سردار ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري وجھي، جنهن جي ڪري سڄي قوم ڏوهاري ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ هڪڙو بي‌عيب وهڙو مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 4:3
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن ست ڍڳا ۽ ست گهٽا ۽ ست گهيٽا ۽ ست ٻڪر، بادشاهت جي لاءِ، ۽ پاڪ مڪان جي لاءِ، ۽ يهوداہ جي لاءِ، گناهہ جي قرباني ڪري آندا. ۽ هن هارون جي پٽن ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ اهي خداوند جي قربانگاهہ تي چاڙهين.


جيڪي قيدي، شهر نيڪاليءَ کان موٽي آيا هئا، تن اسرائيل جي خدا لاءِ هي سوختني قربانيون چاڙهيون، ٻارنهن ڍڳا سڄي اسرائيل لاءِ، ڇهانوي گهٽا، ستهتر گهيٽا، ۽ ٻارنهن ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هئا.


پر وهڙي جو گوشت، ۽ سندس کل ۽ ڇيڻو، تون منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏج: اها گناهہ جي قرباني آهي.


قربانگاهہ تي پيل رت مان، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ کڻي، هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽارج. پوءِ هو پاڻ، ۽ سندس ڪپڙا، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽ، ۽ انهن جا ڪپڙا پاڪ ٿيندا.


پوءِ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، اهو سندس مٿي تي وجهج، ۽ کيس مسح ڪج.


۽ هارون سال ۾ هڪ ڀيرو انهيءَ جي سڱن تي ڪفارو ڪري؛ ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو ڀيرو گناهہ جي قربانيءَ واري ڪفاري جي رت سان، ڪفارو ڪيو وڃي؛ اهو خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.


۽ در جي اڳ واري ايوان ۾ ٻہ ميزون هِن پاسي رکيل هيون، ۽ ٻہ ميزون هُن پاسي، جن تي سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني ذبح ٿيندي هئي.


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ لاوي ڪاهن جي صدوق جي نسل جا آهن، ۽ مون کي ويجها آهن تہ منهنجي خدمت چاڪري ڪن، تن کي تون هڪڙو وهڙو گناهہ جي قرباني لاءِ ڏجانءِ.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن وري هو پاڪ مڪان ۾، جو اندرين ايوان ۾ آهي، خدمت ڪرڻ لاءِ وڃي تڏهن پنهنجي گناهہ جي قرباني پيش ڪري:


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


پوءِ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي کي حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو ذبح ڪري.


۽ جڏهن هارون پاڪ مڪان ۾ اچي تڏهن هن ريت داخل ٿئي: يعني گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي.


۽ هو بني اسرائيل جي جماعت مان گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻہ ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي.


۽ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري.


تہ جيڪو گناهہ هنن ڪيو آهي سو جڏهن معلوم ٿئي، تڏهن جماعت گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو آڻي، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي سامهون انهي کي پيش ڪري.


تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ جي لاءِ هڪڙو نر ٻڪر آڻي، جو بي عيب هجي؛


تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ٻڪري آڻي، جا بي عيب هجي، ۽ پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ پيش ڪري.


۽ مسح ڪيل ڪاهن انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آڻي:


پوءِ جيڪو گناهہ ڪيو هجيس، انهي جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ پنهنجي قرباني آڻي، اها قرباني ڌڻن مان ڪو گهيٽو يا ٻڪري هئڻ گهرجي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري.


هارون جي اولاد مان سڀ ڪو مرد ماڻهو اهو کائي، ڇالاءِ جو اوهانجن سڀني پيڙهين ۾، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.


۽ هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ هارون جي مٿي تي اوتيو، ۽ انهي کي مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿئي.


۽ هارون کي چيائين، تہ هڪڙو وهڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو بي عيب گهٽو سوختني قربانيءَ لاءِ وٺ، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر.


۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو نر ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ هڪڙو گهٽو، جي ٻئي بي عيب ۽ يڪسالا هجن؛


تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟


پوءِ هو هڪڙو وهڙو آڻين، ۽ انهي جي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدو آڻين، ۽ تون گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻيو وهڙو وٺ؛


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


انهي ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ گناهن جي لاءِ جهڙي اُمت جي واسطي قرباني ڪري، تهڙي پنهنجي واسطي بہ ڪري.


۽ هڪڙي ئي ڀيري هو پاڪ جاءِ ۾ ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ ابدي نجات حاصل ڪري داخل ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ