Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 4:22 - Sindhi Bible

22 جڏهن ڪو حاڪم ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند سندس خدا کيس منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جيڪڏهن ڪو اڳواڻ بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري قرار ڌنو ويو هجي جنهن جي مون خداوند سندس خدا منع ڪئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 4:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي ٻانهي کي گستاخيءَ جي گناهن کان بہ روڪ؛ اُهي مون تي غالب نہ پون: تڏهن آءٌ ڪامل ٿيندس، ۽ وڏي گناهہ کان ڇٽي ويندس.


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ، جن کي خدا جو خوف هجي، ۽ جي سچار هجن، ۽ کين ناحق جي نفعي کان نفرت هجي؛ اهڙن ماڻهن کي هنن جي مٿان، ڪي هزارن جا حاڪم، ڪي سوَن جا حاڪم، ڪي پنجاهن جا حاڪم، ۽ ڪي ڏهن جا حاڪم مقرر ڪر.


پنهنجي وات کي نہ ڇڏ تہ تنهنجي جسم کان گناهہ ڪرائي؛ نڪي تون فرشتي جي اڳيان چئُہ تہ اها چڪ هئي: ڇالاءِ خدا تنهنجي ڳالهائڻ تي ڪاوڙجي، ۽ تنهنجي هٿن جو ڪم ناس ڪري ڇڏي؟


۽ جيڪڏهن اسرائيل جي سڄي جماعت ڪا خطا ڪري، ۽ اها ڳالهہ جماعت جي نظر کان لڪل هجي، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪم هنن ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيا هجن؛


تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خدا منع ڪئي آهي، تنهن بابت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ انهن مان ڪو ڪم ڪري:


۽ جڏهن عام ماڻهن مان ڪو شخص ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪري: ۽ جيتوڻيڪ انهي جي خبر نہ هجيس، تہ بہ هو ڏوهاري آهي، ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.


۽ جڏهن اوهين ڀل ڪري هي سڀ ڪم، جي خداوند موسيٰ کي فرمايا سي بجا نہ آڻيو،


تہ پوءِ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن ڀل مان اوهان کان خطا ٿي هجي، ۽ جماعت کي انهيءَ جي خبر نہ پوي، تہ پوءِ ساري جماعت خداوند جي لاءِ خوشبوءِ ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، انهي جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ سان گڏ دستوري حڪم موجب آڻي پيش ڪري؛ ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر پيش ڪري.


۽ اهي بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جي جماعت مان چونڊيل سردار ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي ساڻ ڪري، موسيٰ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اُٿيا.


تڏهن موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ جماعت جا سڀ سردار، هنن جي استقبال لاءِ منزل گاهہ کان ٻاهر آيا.


تڏهن بني جد ۽ بني روبن اچي موسيٰ کي، ۽ اليعزر ڪاهن کي، ۽ جماعت جي سردارن کي چيو، تہ


تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي شهر مقرر ڪجو، جي اوهان جي لاءِ پناهہ جا شهر هجن؛ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي وڃي اتي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ