Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 4:2 - Sindhi Bible

2 تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خدا منع ڪئي آهي، تنهن بابت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ انهن مان ڪو ڪم ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 4:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابي ملڪ ابرهام کي سڏي چيو تہ تو هي اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو، جو تو مون تي ۽ منهنجي بادشاهت تي هڪڙو وڏو گناهہ آندو آهي؟ تو مون سان اهڙا ڪم ڪيا آهن، جي توکي ڪرڻ نہ گهربا هئا.


ڪنهن کي پنهنجي ڀل جي ڪل ٿي پوي؟ تون مون کي ڳجهن ڏوهن کان پاڪ ڪر.


پنهنجي ٻانهي کي گستاخيءَ جي گناهن کان بہ روڪ؛ اُهي مون تي غالب نہ پون: تڏهن آءٌ ڪامل ٿيندس، ۽ وڏي گناهہ کان ڇٽي ويندس.


پنهنجي وات کي نہ ڇڏ تہ تنهنجي جسم کان گناهہ ڪرائي؛ نڪي تون فرشتي جي اڳيان چئُہ تہ اها چڪ هئي: ڇالاءِ خدا تنهنجي ڳالهائڻ تي ڪاوڙجي، ۽ تنهنجي هٿن جو ڪم ناس ڪري ڇڏي؟


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان انهيءَ پاڪ شيءِ مان ڪي کائي، تہ پوءِ هو اُنهي جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ گڏ ڪري، ۽ پوءِ اها پاڪ شيءِ ڪاهن کي ڏئي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ جيڪڏهن اسرائيل جي سڄي جماعت ڪا خطا ڪري، ۽ اها ڳالهہ جماعت جي نظر کان لڪل هجي، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪم هنن ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيا هجن؛


جڏهن ڪو حاڪم ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند سندس خدا کيس منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛


۽ جڏهن عام ماڻهن مان ڪو شخص ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛


تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي شهر مقرر ڪجو، جي اوهان جي لاءِ پناهہ جا شهر هجن؛ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي وڃي اتي رهي.


۽ جيڪو خوني ڀڄي وڃي اتي رهندو، تنهن جي بابت هي حڪم آهي: جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل مان ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس؛


جيتوڻيڪ اڳي آئون ڪفر بڪندڙ ۽ ستائيندڙ ۽ سندس بي عزتي ڪندڙ هوس: تنهن هوندي بہ مون تي رحم ڪيو ويو، ڇالاءِ جو مون بي ايمانيءَ جي حالت ۾ اڻ ڄاڻائي ڪري اهي ڪم ڪيا؛


اُهو جاهلن ۽ گمراهہ ٿيلن سان نرميءَ جي هلت ڪري ٿو سگهي، ڇالاءِ جو هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ کان آجو نہ آهي.


پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.


۽ ساڳئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري. اي منهنجا ڀائرو، ائين ٿيڻ نہ گهرجي.


پر يونتن اِهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي: تنهنڪري هن پنهنجي هٿ واري لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽنبي، پنهنجو هٿ وات تائين آندو؛ ۽ سندس اکيون روشن ٿيڻ لڳيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ