Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 4:18 - Sindhi Bible

18 ۽ اهو انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي، ۽ باقي رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي اتي رکيل لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي. باقي رت ٻاهر خيمي جي اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 4:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن ڍڳا ڪُٺا ۽ ڪاهنن رت کڻي قربانگاهہ تي ڇاٽاريو: ۽ هنن گهٽا ڪُٺا ۽ اهو بہ رت قربانگاهہ تي ڇاٽاريائون: هنن گهيٽا بہ ڪُٺا ۽ انهن جو رت بہ قربانگاهہ تي ڇاٽاريائون.


۽ تون وهڙي جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربانگاهہ جي سڱن تي لائج، ۽ باقي سڀ رت قربانگاهہ جي هيٺيان هاري ڇڏج.


۽ هارون سال ۾ هڪ ڀيرو انهيءَ جي سڱن تي ڪفارو ڪري؛ ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو ڀيرو گناهہ جي قربانيءَ واري ڪفاري جي رت سان، ڪفارو ڪيو وڃي؛ اهو خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.


۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان، ڪجهہ پنهنجي آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهي جو باقي رت سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهيءَ جو باقي سڀ رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهيءَ جو باقي سڀ رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي:


۽ ڪاهن انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا خوشبوءِ دار لوبان جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي؛ ۽ وهڙي جو باقي سڀ رت، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


هو انهي گناهہ جي قرباني جي رت مان ڪجهہ قربانگاهہ جي پاسي تي ڇاٽاري؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاسي تي هاري ڇڏي: اها گناهہ جي قرباني آهي.


پر جنهن گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پاڪ مڪان ۾ ڪفاري ڪرڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو وڃي، تنهن جو گوشت کائڻ ۾ نہ اچي؛ اهو باهہ سان ساڙيو ويندو.


پوءِ هن انهي وهڙي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ پنهنجيءَ آڱر سان رت کڻي قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳايو، ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪيائين؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ تي اوتيائين، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪيائين، تہ انهيءَ جو ڪفارو ڏنو وڃي.


۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي وٽس حاضر ڪيو، ۽ هن پنهنجي آڱر رت ۾ ٻوڙي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ