Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 4:12 - Sindhi Bible

12 يعني سڄو وهڙو منزلگاهہ کان ٻاهر ڪنهن صاف جاءِ تي، جتي رک اُڇلائبي آهي اتي کڻي وڃي، ۽ اتي انهي کي ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏي: جتي رک اُڇلائبي آهي، اتي انهيءَ کي کي ساڙي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 مطلب تہ وهڙي جو باقي سڀ ڪجھہ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر انهيءَ پاڪ جاءِ تي آندو وڃي، جتي رک اڇلائبي آهي. اتي انهيءَ کي ٻرندڙ ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 4:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر وهڙي جو گوشت، ۽ سندس کل ۽ ڇيڻو، تون منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏج: اها گناهہ جي قرباني آهي.


تون گناهہ جي قربانيءَ وارو ڍڳو بہ وٺي، پاڪ مڪان جي ٻاهران، گهر جي ٺهرايل هنڌ انهي کي ساڙج.


جيترا ڏينهن هن کي مرض هوندو، اوترا ڏينهن هو ناپاڪ رهندو؛ اهو ناپاڪ آهي: هو اڪيلو رهي؛ ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ منزلگاهہ کان ٻاهر هجي.


۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو ٻڪر، جنهن جو رت ڪفاري ڪرڻ لاءِ پاڪ مڪان ۾ آندو هئائين، تن کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃن؛ ۽ انهن جون کلون، ۽ گوشت، ۽ ڇيڻو، ۽ ڦولڙيون باهہ ۾ ساڙي ڇڏين.


۽ اهو انهي وهڙي کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي، ۽ جهڙي طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو هئائين، تهڙيءَ طرح هن کي بہ ساڙي ڇڏي: اها جماعت جي لاءِ گناهہ جي قرباني آهي.


۽ ڪاهن جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، سا سموري ساڙي وڃي: اها کائڻ ۾ بلڪل نہ اچي.


پر جنهن گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پاڪ مڪان ۾ ڪفاري ڪرڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو وڃي، تنهن جو گوشت کائڻ ۾ نہ اچي؛ اهو باهہ سان ساڙيو ويندو.


تہ پوءِ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيو هجي، تہ جيڪي ڦريو هجيس، يا جيڪي ظلم سان ورتو هجيس، يا جيڪا امانت وٽس رکيل هجي، يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي هجيس، سا موٽائي ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي:


پر وهڙو ۽ انهي جي کل ۽ انهي جو گوشت، ۽ انهي جو ڇيڻو، اهي سڀ هن منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏيا؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ گوشت ۽ کل منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هن ماڻهوءَ کي ضرور ماري ڇڏڻ گهرجي، ۽ ساري جماعت منزلگاهہ جي ٻاهران هن کي سنگسار ڪري.


اوهين اها وٺي اليعزر ڪاهن کي ڏجو تہ هو انهيءَ کي منزلگاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي، ۽ ڪو ماڻهو انهيءَ کي هنن جي روبرو ذبح ڪري:


پوءِ ڪو ماڻهو انهيءَ گابيءَ کي هن جي روبرو ساڙي؛ هو انهيءَ جي کل ۽ گوشت ۽ رت ۽ ڇيڻو اهي سڀ ساڙي ڇڏي:


اهو مرد هجي توڙي زال، پر اوهين انهي کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍجو؛ تہ جنهن منزلگاهہ ۾ آءٌ رهان ٿو، تنهن کي پليت نہ ڪن.


ڇالاءِ جو جن جانورن جو رت سردار ڪاهن پاڪ جاءِ ۾ گناهہ جي ڪفاري جي لاءِ کڻي ٿو وڃي، تن جا لاشا منزلگاهہ جي ٻاهر ساڙيا ٿا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ