11 ۽ وهڙي جي کل، ۽ انهي جو سڀ گوشت، انهي جي سريءَ ۽ پاون سميت، ۽ انهي جا آنڊا ۽ ڇيڻو.
11 پر وهڙي جي کل، انهيءَ جو سمورو گوشت، منڍي، پاوا، آنڊا ۽ اوجھري اوجھہ سميت،
جيترو اُڀرندو الهندي کان پري آهي، اوترو ئي هن اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪيا آهن.
پر وهڙي جو گوشت، ۽ سندس کل ۽ ڇيڻو، تون منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏج: اها گناهہ جي قرباني آهي.
۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو ٻڪر، جنهن جو رت ڪفاري ڪرڻ لاءِ پاڪ مڪان ۾ آندو هئائين، تن کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃن؛ ۽ انهن جون کلون، ۽ گوشت، ۽ ڇيڻو، ۽ ڦولڙيون باهہ ۾ ساڙي ڇڏين.
جهڙي طرح سلامتيءَ جي قربانيءَ واري وهڙي جي ڪڍبي آهي: ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.
۽ اهو انهي وهڙي کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي، ۽ جهڙي طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو هئائين، تهڙيءَ طرح هن کي بہ ساڙي ڇڏي: اها جماعت جي لاءِ گناهہ جي قرباني آهي.
پر جنهن گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پاڪ مڪان ۾ ڪفاري ڪرڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو وڃي، تنهن جو گوشت کائڻ ۾ نہ اچي؛ اهو باهہ سان ساڙيو ويندو.
اوهين اها وٺي اليعزر ڪاهن کي ڏجو تہ هو انهيءَ کي منزلگاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي، ۽ ڪو ماڻهو انهيءَ کي هنن جي روبرو ذبح ڪري:
پوءِ ڪو ماڻهو انهيءَ گابيءَ کي هن جي روبرو ساڙي؛ هو انهيءَ جي کل ۽ گوشت ۽ رت ۽ ڇيڻو اهي سڀ ساڙي ڇڏي: