Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 3:6 - Sindhi Bible

6 ۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي، ۽ هو خداوند جي لاءِ ڌڻ مان ڪجهہ پيش ڪري؛ تہ اهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو بي عيب پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن ٻڪرين مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو نر هجي توڙي مادي، پر بي‌عيب هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 3:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.


۽ جڏهن اوهين خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهيو، تڏهن اها اهڙيءَ طرح چاڙهجو، جو اوهين قبول پئو.


پر جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو اوهين پيش نہ ڪجو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندو.


۽ اوهين گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ يڪسالا گهيٽا پيش ڪجو.


سو سوختني قربانيءَ يا ٻيءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهيٽي جي پٺيان، هڪڙي هين جو چوٿون حصو مئي جو تون پيئڻ واري قربانيءَ جي لاءِ تيار ڪج.


۽ هو خداوند جي لاءِ هيءَ قرباني پيش ڪري، يعني سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو بي عيب يڪسالو گهيٽو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ سلامتيءَ جي لاءِ هڪڙو بي عيب گهٽو،


ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا،


پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.


پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو،


انهي لاءِ تہ زمانن جي پوري ٿيڻ تي اهڙو بندوبست ٿئي، جو سڀ شيون جي آسمان توڙي زمين تي آهن، سي مسيح ۾ گڏجي وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ